
ٺٽو (رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي شھر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اوچتو تيزي هڪ ئي ڏينهن ۾ ٺٽي شھر ۾ ڦر جون 2 وارداتون ٺٽي شھر جي آگر محلي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن گهر اڳيان ڌڪي تي ويٺل ٺٽي جي نوجوان صحافي شيراز واريو ۽ سندس ٻن دوستن ڪامران هالو ۽ محمد علي ميربحر کان هٿيارن جي زور تي موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٺٽي شھر جي ڊاڪٽرز گلي ۾ ھٿياربندن نوجوان لال خان هنڱورو کان پڻ 50 هزار روپيه روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٻئي طرف گُجي لڳ قومي شاهراھ تي ڦر جي ٻن ڌار ڌار وارداتن ۾ هٿياربند ڦورو پورهيت نياز چانگ ۽ عابد خاصخيلي کان سندن موٽر سائيڪلون پڻ ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٺٽي ۽ ڀرپاسي ۾ اوچتو ڦرن جي وارداتن ۾ تيزي سبب شھري عدم تحفظ جو شڪار پوليس انتظاميه ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام


