
“سنڌ جی ڌيءَ، ھاڻي سفر ڪندي، فخر سان، آزادي سان!”
سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي تحت “سنڌ ماس ٽرانزٽ” جو اڳواڻي مشهور ٽرانسپورٽ ماهر شرجيل انعام ميمڻ ڪري رهيا آهن. هي منصوبو نہ رڳو عوامي نقل و حمل کي بهتر بڻائيندو، پر عورتن کي محفوظ ۽ باعزت سفر جو موقعو ڏيندو.
ان سان گڏ، سنڌ حڪومت مفت اليڪٽرڪ پنڪ اي-وي اسڪوٽرز ورهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو عورتن جي خودمختياري ۽ روزانه نقل و حمل کي آسان بڻائيندو. هي قدم هر سطح تي ساراهيو ويندو پيو ۽ عوام، خاص ڪري عورتن لاءِ هڪ خوشخبري آهي.
“سنڌ جي ڌيءَ ھاڻي فخر سان سفر ڪندي” جو نعرو رڳو هڪ دعويٰ کان وڌيڪ، حڪومت جي عوامي خدمت جي عزم جو عڪاس آهي. هن منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اختياري مڪمل طور تي سرگرم آهن.
پر، هن قدم جي ڪاميابي لاءِ معاشري جي هر فرد جو تعاون ضروري آهي. جڏهن به عورتيون سڙکن تي اي-وي اسڪوٽرز تي نظر اچن، تنهن کي تنگ ڪرڻ بدران انهن جي حوصلہ افزائي ڪجي. والدين جي ذميواري آهي ته پنهنجي ٻارن، خاص ڪري ڇوڪرن کي هي سيکاريون ته عورتن کي به مردن وانگر آزادي سان سفر ڪرڻ جو حق آهي. اسان کي گهرجي ته سڙکن تي ايندڙ ڇوڪرين کي پنهنجي ڀيڻن ۽ ڌيئرن جيان عزت ڏيون، انهن جي مدد ڪيون، ۽ انهن لاءِ هڪ محفوظ ماحول ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.
سنڌ حڪومت جي هن قدم کي ساراهيندي، اچو ته اسان سڀ گڏجي سنڌ کي هڪ بهتر ۽ عورتن لاءِ پرامن صوبو بڻائڻ ۾ پنهنجو حصو ورتو!


