
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
2 سال اڳ جهمپير ۾ تعليم کاتي جي ملازم سيد مهر علي شاھ کي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش ڪوئلي جي کاڻ ۾ لڪائڻ واري ڪيس جو ٺٽي جي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ٻن مک جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻن تي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي کين بري ڪيو ويو، ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪورٽ ٺٽو جي جج اسلام الحق آرائين مقتول سيد مهر علي شاھ جي بيدردي سان قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مک جوابدارن غلام نبي چانگ ۽ نظر محمد چانگ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي لاش جي توهين ڪري ڏوھ کي لڪائڻ تي ٻنهي جوابدارن تي 5-5 لک روپيه ڏنڊ پڻ عائد ڪيو ويو جڏهن ته ٻن جوابدارن علي حسن چانگ ۽ علي شير چانگ کي مذڪوره ڪيس ۾ ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي عدالت بري ڪري ڇڏيو فريادي ڌر پاران ڪيس جي پيروي سرڪاري وڪيل پراسيڪيورٽر ايڊووڪيٽ رفيق احمد پليجو ۽ نوجوان وڪيل شبيح الحسن قريشي ڪئي جنوري 2023ع ۾ جهمپير مان سماجي ڪارڪن سيد شير علي شاھ ڪاظمي جي چاچي تعليم کاتي جي ملازم سيد مهر علي شاھ کي پئسن جي لالچ ۾ جوابدارن کنڀي ڪوهستاني علائقي ۾ قتل ڪرڻ بعد سندس لاش جهمپير لڳ ڪوئلي جي هڪ کاڻ ۾ ڦٽو ڪيو هو پوليس جاچ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري لاش ڪوئلي جي کاڻ مان برآمد ڪري جوابدارن خلاف مقتول جي ڀائيٽي شير علي شاھ ڪاظمي جي فرياد تي جهمپير ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو
Load/Hide Comments


