
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) الخدمت فائونڊيشن ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالمجيد سمون چيو آھي تہ رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ ضرورتمند ماڻهن جي نشاندهي ڪري انھن جي مدد ڪرڻ اولين ترجيح ۾ شامل آهي، جيئن اھي ماڻھون پريشاني کان بچي سگھن، ھي ڀلارو برڪتن وارو مھينو آھي، جنھن ۾ ھر ماڻھون کي ھر غريب، مسڪين ماڻھن جي سھائتا ڪرڻ گھرجي. ھن اھي ڳالھيون نور فائونڊيشن اسڪول ٺٽو توڙي گھاري شھر ۾ الخدمت فائونڊيشن والينٽيئر ضلعي ٺٽي جي پهرين منعقد ڪيل ميٽينگ توڙي تعارفي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيون، جنهن گڏجاڻي ۾ سنڌ ريجن جي منسب حيسن ڪوآرڊينيٽر والينٽيئر، حماد الله ڀٽو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الخدمت فائونڊيشن ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالمجيد سمون، ثابق صدر و ڪوآڊينيٽر شعبه صحت محمد رياض جيلاني، رحيم سمون نائب صدر،

عابد عثمان شيخ جنرل سيڪريٽري هوت سمون، جمايت اسلامي ضلعي ٺٽي جي امير عبدالمجيد ايڊووڪيٽ، ثابق امير الطاف احمد ملاح، نائب امير غلام شفيع سمون، محمد علي خٽڪ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، جتي محمد علي خٽڪ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر الخدمت فائونڊيشن والينٽرز ۽ بين پاران ضلعي ٺٽي جي 50 کان وڌيڪ رجسٽرڊ رضا ڪارن جو تعارف ڪرائي سڀني کي اعزاز طور تي الخدمت فائونڊيشن جون جرسيون ۽ ٽوپيون پڻ ڏنيون ويون.


