
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ زمينن تي والار خلاف ميرپور ساڪرو کان نڪتل قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ وارو قافلو اڄ ٽئين ڏينهن ٺٽي ڏانهن روان دوان گذريل رات گهارو شھر ۾ پيادل مارچ قافلو ترسڻ بعد اڄ صبح کان ٻيهر گهارو کان ٺٽي طرف روان دوان، شام جو گُجو شھر ۾ پهچي قافلو قيام ڪرڻ بعد سڀاڻي ٺٽي پهچندو جتي احتجاجي مارچ واري جلسي کي اياز لطيف پليجو خطاب ڪندو گهارو کان اڄ ٽئين ڏينهن قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو سميت حبيب الله پليجو مرتضي لاشاري غفور سومرو وڪيو ميربحر ۽ ٻين ضلعي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ڏانهن پيادل مارچ قافلو روانو ٿيو ته شاندار استقبال ڪيو ويو ميرپور ساڪرو کان 3 ڏينهن اڳ نڪتل پيادل مارچ جو قافلو اڄ ٽئين ڏينهن تي پيادل سفر ڪندي گُجو پهچندو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مارچ قافلي کي خطاب ڪندي چيو ته
سنڌو درياءُ تي ڌاڙو هڻي پاڻي چورائڻ لاء 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ کي هن وقت گهڻ رخي خطرا لاحق آھن هڪ طرف پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ته ٻئي طرف زمينن تي والار ڪري ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي سنڌ جو عوام اهڙين زيادتين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو


