(بي آءِ ايس پي)حڪومت پاڪستان جو هڪ اهم سماجي ڀلائي وارو پروگرام آهي، جنھن پروگرام جو بنيادي مقصد غريب خاندانن جي معاشي مدد ڪرڻ آهي

ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ضلعي ٺٽي جي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي ابڙو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ضياءَ قاضي ۽ ٻين پاران انساني حقن جي آفيس مڪلي پھچي انساني حقوق جي اڳواڻ الطاف حسين تنيو سان ملاقات ڪري کيس رقم حاصل ڪندڙ عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن بابت آگاھ ڪندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر ذوالفقار علي ابڙو ٻڌايو ته (بي آءِ ايس پي)حڪومت پاڪستان جو هڪ اهم سماجي ڀلائي وارو پروگرام آهي، جنھن پروگرام جو بنيادي مقصد غريب خاندانن جي معاشي مدد ڪرڻ آهي. ھن بڌايو تہ ھي پروگرام 2008 ۾ شروع ڪيو ويو ان پروگرام تحت غريب خاندانن کي ڪيش امداد فراهم ڪئي ويندي آهي، جيڪا غريب مستحق خاندان جي عورتن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء پاڪستان حڪومت بنظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب خاندانن کي ماهوار نقد امداد فراهم ڪري ٿي. اسان جي ڪوشش آھي تہ ضلعي ۾ جلد کان جلد رقم تقسيم ڪئي وڃي، ھن چيو تہ سروي رجسٽريشن جو عمل جاري آھي، ان ۾ مستحق عورتون حصو وٺي پنھنجي رجسٽريشن ڪرائين هن پروگرام لاءِ اهل خاندانن جي سڃاڻپ مخصوص معيارن جي مطابق ڪئي وئي آهي، بشمول انهن جي آمدني، خاندان جي ميمبرن جو تعداد ۽ ٻيا سماجي اقتصادي معاشي صورتحال کي مدنظر رکيو ويندو آھي،. ھن چيو تہ بي آءِ ايس پي جو مقصد غريب خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي، خاص طور تي اهي خاندان جيڪي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ غذائيت، صحت ۽ تعليم کان محروم آهن، انھن جي سروي جاري آهي، جن جي جلد قسط جي ادائگي جو عمل شروع ڪيو ويندو، ان لاء جگھ امن امان جي صورتحال کي مدنظر رکندي انتظاميا سان گڏجاڻي ڪري ڪئي ويندي. ان موقعي تي انساني حقوق جي الطاف حسين تنيو آيل آفيسرن جو شڪريو ادا ڪندي کين مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

اپنا تبصرہ بھیجیں