
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) نيشنل پريس ڪلب ٺٽو پاران ٺٽي ضلعي اندر منشيات، زمينن تي والار توڙي عوام کي لاحق مسئلن خلاف ڀرپور نموني سان آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ۽ واضع ڪيو ويو آھي ته مختلف اشوز اٿاري سنڌو درياءُ مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن خلاف هلندڙ مضبوط عوامي تحريڪ جي رستا روڪ ڪرڻ لاء مختلف سازشون ڪيون پيون وڃن جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جو هنگامي اجلاس پريس ڪلب جي صدر محبوب بروهي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پريس ڪلب جي نائب صدر ذوالفقار علي ميمڻ جوائنٽ سيڪريٽري عمر ڪنڀار خزانچي احمد خشڪ ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبرن غلام حسين دايو مظفر خاصخيلي آزاد اصغر بروهي سميت سمورن ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته منشيات خلاف مهم جي نالي تي هلندڙ بليڪ ميلنگ واري تحريڪ جو نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ڪنهن به صورت ۾ حصو نه ٿيندو ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آئيس چرس آفيم هيروئن ڪچي شراب توڙي نئين متعارف ٿيل ويڊ جھڙي خطرناڪ نشي ڪوهستاني پٽي جي زمينن تي والار توڙي روينيو رڪارڊ ۾ هيراڦيري ۽ فحاشي اڏن توڙي زمينن جي رڪارڊ جي بحالي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ڀرپور نموني سان آواز اٿاري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ پوليس ڪسٽم اينٽي نارڪوٽيڪس فورس ۽ ايڪسائيز سميت قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي نسلن جي تباهي جو ڪارڻ بڻجندڙ منشيات خلاف ٽارگيٽ ڪاررواين لاء مجبور ڪيو ويندو ۽ منشيات فروشن جي نشاندهي ڪري سندن اڏا بند ڪرائڻ لاء پڻ پوليس ۽ انتظاميه سان سهڪار ڪيو ويندو.اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايس ايس پي ٺٽو کي سندس ٽيم سميت پريس ڪلب ۾ گهرائي سماجي براين بابت تفصيلي آگاهي ڏيئي ٽارگيٽڊ ڪاررواين لاء گذارش ڪئي ويندي ۽ ضلعي جي اسٽيڪ هولڊرز ۽ وڪيلن سان گڏجاڻي ڪري کين باوَر ڪرايو ويندو ته اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن سان منشيات فروشن توڙي ڏوهارين جي فوري ضمانت ممڪن نه هجي جنهن لاء ضرورت پوي ته سنڌ اسيمبلي مان قانونسازي پڻ ڪرائي وڃي ۽ نيشنل پريس ڪلب ٺٽو پاران عيد کانپوء جلد قومي ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن توڙي اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرائي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو.


