
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي ايپنا انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ (اي آءِ پي ايڇ) جي اهتمام هيٺ ٽين بين الاقوامي پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس اڄ پڄاڻي تي پهتي.
ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڪانفرنس جو عنوان ”عوامي صحت ذريعي پاڪستان جي صحت نظام جا چئلينج حل ڪرڻ“ هو، جنهن ۾ ملڪي ۽ عالمي صحت جي ماهرن جي اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ”هي ڪانفرنس اسٽيڪ هولڊرز لاءِ هڪ اهم پليٽفارم ثابت ٿي، جتي پاڪستان جي صحت عامه جي فوري مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي.“
ڪانفرنس دوران ماهرن نشاندهي ڪئي ته شوگر ۽ دل جي عارضي جهڙيون غير متعدي بيماريون (اين سي ڊيز) پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ فوتگين جو سبب بڻجي رهيون آهن.
ماهرن طرفان ڄاڻايل بيمارين جي جلدي نشاندهي، اثرائتي علاج واري حڪمت عملي ۽ گڏيل حفاظتي قدمن تي زور ڏنو ويو.
ڪانفرنس ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ) ۽ مشين لرننگ ذريعي طبي تعليم ۽ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ تي به غور ڪيو ويو.
ماهرن جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجيز ذريعي پاڪستان ۾ هزار ماڻهن لاءِ رڳو هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ملڪ جي تيزيءَ سان وڌندڙ اڍائي سئو ملين آبادي بابت به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ خانداني منصوبابندي جي رسائي بهتر بڻائڻ ۽ تعليمي مهمن ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.
ماهرن جو چوڻ هو ته آبادي جي ڪنٽرول کي نظر ۾ رکندي پائيدار ترقياتي پاليسين جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.
ڪانفرنس ۾ علاج تي ٻڌل نظام بدران بيمارين جي روڪٿام ۽ صحت جي بهتري تي ٻڌل نظام تي وڃڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو.
ماهرن موجب، ماڻهن کي صحتمند زندگي لاءِ ضروري ڄاڻ ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ صحت عامه جي پائيدار ترقي جي بنياد آهي.
اي آءِ پي ايڇ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آمنه ريحانه چيو” هي ڪانفرنس پاڪستان جي صحت عامه جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. بهترين طريقا شيئر ڪرڻ، جديد حل ڳولڻ ۽ ڀائيواري وڌائڻ سان صحت جي شعبي ۾ هاڪاري تبديليون آڻي سگهون ٿا.“
ڪانفرنس جي سيشنز جي نظامت ۽ انتظامي ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر گريش ڪمار ماهيشوري، ڊاڪٽر عروسه نديم، ڊاڪٽر صبا راجپوت، ڊاڪٽر صائمه عارف، ڊاڪٽر زعيمه احمر۽ پروفيسر شيراز شيخ شامل هئا.
هن ايونٽ پاڪستان جي صحت جي شعبي جي اهم اسٽيڪ هولڊرز، پاليسي سازن، ماهرن، محققن ۽ تعليمي ادارن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪيو، جتي صحت عامه جي مسئلن تي نتيجا ڏيندڙٰ بحث ۽ سهڪار کي هٿي ڏني وئي.
Load/Hide Comments


