ماءُ جو عالمي ڏينهن، جي ايس ايم يو ۽ جي پي ايم سي جي تحت خاص تقريب سماج ۾ عورتن جي ڪردار ۽ اسپتالن ۾ مائرن جي سار سنڀال جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو، شيما ڪرماڻي جي پرفارمنس

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ هڪ بامقصد ۽ متاثر ڪندڙ تقريب منعقد ڪرڻ تي ڊاڪٽر نگهت علي شاهه ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU) ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) پاران ماءُ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جو مقصد سماج ۾ عورتن جي بطور مائرن جي ڪردار ۽ اسپتالن ۾ مائرن جي سار سنڀال جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي نجم الدين آڊيٽوريم ۾ تقريب جو انعقاد جي ايس ايم يو جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر نگهت علي شاهه ڪيو جنهن ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان سميت جي ايس ايم يو جي فيڪلٽي ۽ جي پي ايم سي جي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ اسٽاف پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ماءُ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب جو نعرو ”مان رھي سلامت“ رکيو ويو هو، ان موقعي تي سماجي ڪارڪن ۽ تحريڪ نسوان ڪلچرل ايڪشن گروپ جي باني شيما ڪرماڻي ۽ سندس ٽيم پاران ٿيٽر پرفارمنس پڻ پيش ڪئي وئي، هن ٿيٽر ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ عورتن کي درپيش مسئلن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي جرئت کي اجاگر ڪيو ويو، ٿيٽر کي شرڪت ڪندڙن پاران چڱيءَ طرح پذيرائي ملي ۽ ان جي طاقتور پيغام جي واکاڻ ڪئي وئي. تقريب دوران اسپتالن ۾ قيمتي جانيون بچائڻ لاءِ نرسن جي اڻتھڪ خدمتن جو اعتراف پڻ ڪيو ويو ۽ کين پروفيسر ڊاڪٽر رضيه ڪوريجو، پروفيسر ڊاڪٽر صديقه، ڊاڪٽر نگهت علي شاهه، شيما ڪرماڻي، ڊاڪٽر مسرور ۽ ٻين پاران تحفا ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. تقريب جي مرڪزي آرگنائيزر ڊاڪٽر نگهت علي شاهه چيو ته هن تقريب جو مقصد ماءُ جي ڪردار ۽ مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪاميابين کي آگاهه ڪرڻ آهي، جي ايس ايم يو صحت سميت ٻين شعبن ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو پيغام پکيڙڻ لاءِ پرعزم آهي. جي ايس ايم يو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڊاڪٽر نگهت علي شاهه ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته جي ايس ايم يو کي پنهنجي عورتن جي فيڪلٽي، اسٽاف ۽ شاگردن تي فخر آهي جيڪي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي رهيا آهن. تقريب جي پڄاڻي ڊاڪٽر نگهت علي شاهه جي شڪرگذاري ۽ گروپ فوٽو سيشن سان ٿي جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ان تقريب کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيون تقريبون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.

مرد ۽ عورت صحافين لاءِ وڌيڪ ڄاڻ:
=====================================

اپنا تبصرہ بھیجیں