واپڊا ھائِيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو ۽ سجاول طرفان واپڊا جي نجڪاري خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) واپڊا ھائِيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو ۽ سجاول طرفان واپڊا جي نجڪاري خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو حيسڪو آفيس مڪلي کان مين قومي شاھراھ تائين واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو ۽ سجاول جي اڳواڻن چيئرمين وحيد علي رند، نيڪ محمد کوسو، منور علي تارو، شير زمان سھتو، ڪامران مغل، نياز خواجہ، نواز تارو، عمران مغل، رحمان خان جي اڳواڻي ۾ ڪري ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ واپڊا جي نجڪاري مزدورن جو معاشي قتل آھي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو، ھنن چيو تہ ھو سندن قائد عبدالطيف نظاماڻي جي حڪم تي عمل ڪندي سراپا احتجاج بڻيل اھن، پر حڪمرانن جي ڪنن تي جون بہ نٿي سري، ھنن چيو تہ واپڊا کاتي ۾ ھزارين خالي جايون پيل آھن، جن کي ڀرڻ لاء بہ حڪومت تيار ناھي، جيڪڏھن اھي خالي پيل سيٽون ڀرجي وڃن تہ وڏي حد تائين بيروزگاري ختم ٿي ويندي، ھنن چيو تہ مھنگائي ۾ اضافو ٿيڻ باوجود واپڊا ملازمن جي پگھارن ۾ اضافو نٿو ڪيو وڃي ۽ نہ ئي کين پنھنجي حفاظت لاء گاڏيون توڙي سامان ٿو مھيا ڪيو وڃي، ھنن چيو تہ اسٽيل مل، ٺٽو سيمنٽ فيڪٽري، ٺٽو شگر ملز سميت ٻين سرڪاري ادارن کي پرائيويٽ سيڪٽر حوالي ڪري لکين مزدورن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي ۽ اھو ساڳيو حال ھاڻي ھو واپڊا سان ڪري انھن جي ملازمن کي بہ بيروزگار ڪرڻ چاھين ٿا، جيڪو اسان ھرگز ڪرڻ نہ ڏينداسين. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو تہ واپڊ سميت ملڪ جي ٻين سرڪاري ادارن کي پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ڏيڻ وارن خلاف ڪاروائي ڪري مزدورن خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاروائين جو نوٽيس وٺي پورھيتن سان انصاف ڪيو وڃي. واپڊا ھائِيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين CBA ٺٽو ۽ سجاول طرفان واپڊا جي نجڪاري خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو

اپنا تبصرہ بھیجیں