ٺٽي جي گاڏي مالڪن توڙي ٽرانسپورٽرن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ايس ايس پي آفيس مڪلي ۾ ڊي ايس پي ٺٽو وحيد لاڙڪ جي صدارت ۾ ٿي گذري جنھن ۾ وين ٽرانسپورٽ، وين سروس ضلعي ٺٽي جي صدر شاھجھان بروھي، سيٺ نورالدين بروھي، لالا يوسف، وسايو، رسول بخش، علي بخش، اعجاز بروھي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي گاڏي مالڪن توڙي ٽرانسپورٽرن جي ھڪ اھم گڏجاڻي ايس ايس پي آفيس مڪلي ۾ ڊي ايس پي ٺٽو وحيد لاڙڪ جي صدارت ۾ ٿي گذري جنھن ۾ وين ٽرانسپورٽ، وين سروس ضلعي ٺٽي جي صدر شاھجھان بروھي، سيٺ نورالدين بروھي، لالا يوسف، وسايو، رسول بخش، علي بخش، اعجاز بروھي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي DSP ٺٽو وحيد لاڙڪ چيو تہ ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ سميت سموري روڊ تي ٽرئفڪ جام رھي ٿي، جنھن ڪري گاڏي جو گذر مشڪل بڻجندو پيو وڃي، ويتر ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ تي ٺٽي شھر جي مين گٽر نالي جي صفائي ٿيڻ ڪري گاڏين وارن کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ گاڏيون جام ٿيڻ ڪري روڊ ئي بند ٿيو وڃي، ان ڪري آيل سمورن ٽرانسپورٽرن کي گھرجي تہ ھو پنھنجون مسافر وينون توڙي بسون ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ جتي مسافر گاڏين جا اڏا آھن، اتي صرف ھڪ گاڏي کي موجود رکي ٻين کي روڊ تان ٻئي پاسي بيھارين جيئن ٻين گذرندڙ گاڏين کي ڪا پريشاني نہ ٿئي ۽ نہ ئي روڊ بلاڪ ٿي سگھي. ان موقعي تي وين ٽرانسپورٽ، وين سروس ضلعي ٺٽي جي صدر شاھجھان بروھي، سيٺ نورالدين بروھي ۽ ٻين DSP ٺٽو وحيد لاڙڪ کي خاطري ڪرائي تہ ھو سندن حڪمن جي پاسداري ڪرائي مسافر گاڏين کي گاڏين جي اڏن تي روڊ جي سائيڊ تي بيھاري مسافرن کي کنيو ويندو، جيئن روڊ بند نہ ٿي سگھي، ھنن چيو تہ اسان پاڻ ٽرانسپورٽر آھيون، اسانکي عوام جي تڪليف جو احساس آھي، ان ڪري ھاڻي توھانکي شڪايت جو موقعو نہ ڏينداسين. شاھجھان بروھي ۽ سيٺ نورالدين بروھي مسافر بسن توڙي وينن وارن کي پڻ ھدايت ڪئي تہ ھو روڊ جو خيال رکي گاڏيون ھلائين ۽ ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ جتي گاڏين جي بيھڻ جو اڏو آھي، اتي گاڏيون روڊ جي سائيڊ تي بيھاري مسافرن کي کڻن جيئن روڊ تان گذرندڙ ٻين گاڏين وارن کي ڪا تڪليف پيش اچي نہ سگھي ۽ نہ ئي روڊ بند ٿي سگھي. ان موقعي تي سيڪريٽري آر ٽي روڊس ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں