لاڙڪاڻي شهر مان بابا گرو نانڪ جي 556 هين جنم ڏينهن واري تقريبن ۾ شرڪت لاءِ هندو خاندانن جا ماڻهو روانه ٿي ويا.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر مان بابا گرو نانڪ جي 556 هين جنم ڏينهن واري تقريبن ۾ شرڪت لاءِ هندو خاندانن جا ماڻهو روانه ٿي ويا. ان سلسلي ۾ بابا گرو نانڪ جي 556 هين جنم ڏينهن واري تقريبن ۾ شرڪت لاءِ هندو ياترين کي ننڪانه صاحب کڻي ويندڙ خصوصي ٽرين لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن تي پهتي، جتي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ سوين ياتري عورتون، مرد، بزرگ ۽ ٻارڙا سوار ٽرين ۾ ٿيا، جن جا چهرا خوشيءَ سان ٻهڪي رهيا هئا. ان موقعي تي ياترين جو چوڻ هو ته هر سال اسان بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ننڪانه صاحب ويندا آهيون، هن سال به وڃي رهيا آهيون، جتي تقريبون سڀاڻي کان شروع ٿينديون ۽ ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون، جن ۾ نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا مان ياتري شرڪت ڪري پوڄا پاٽ ڪري پنهنجي من جون مرادون حاصل ڪندا آهن، جڏهن ته اسان کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي جو اسين بابا گرو نانڪ صاحب جي جنم ڏينهن وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانو ٿي رهيا آهيون. هوڏانهن هندو پنچائت لاڙڪاڻي جي چيئرمين هريش لعل، موني گل، وشال ملاڻي ۽ ٻين اڳواڻن لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي پهچي ياترين کي الوداع ڪيو. ٻي پاسي ريلوي انتظاميه موجب ته خصوصي ٽرين ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ 234 کان وڌيڪ ماڻهو سوار ٿي پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويا آهن. ان موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام پڻ ڪيا ويا هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں