ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
گُجو ڀرسان تيز رفتار سوزوڪي جي ٽڪر ۾ 20 ورهين جو پورهيت نوجوان مقبول ميربحر فوت اطلاع تي اسپتال داخل سندس والده به صدمي ۾ فوت ٿي وئي تفصيل موجب ٺٽي ويجهو گُجي ڀرسان ڳوٺ رئيس تاج محمد جوکيو سامهون ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي هڪ تيز رفتار سوزوڪي روڊ پار ڪندڙ پورهيت نوجوان مقبول ميربحر کي ٽڪر هڻي چيباٽي ڇڏيو جيڪو تڏي تي فوت ٿي ويو سوزوڪي ڊرائيور سوزوڪي ڪاهي فرار ٿي ويو فوت ٿيل نوجوان مقبول جو لاش گهر پهچايو ويو سندس والده سونا ميربحر جيڪا ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ بيماري سبب داخل هئي پُٽ جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع ملندي ئي صدمي ۾ اها به وفات ڪري وئي هڪ ئي گهر ۾ ماءُ پُٽ جي فوت ٿيڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول پوليس نامعلوم سوزوڪي کي هٿ ڪري نه سگهي ڪراچي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي والده سونا جو مڙھ ڪراچي کان سندن ڳوٺ منتقل ڪيو پيو وڃي

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)سنڌو درياءُ مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران مڪلي کان ٺٽي تائين 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ، مارچ ۾ جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي پورھيت تحريڪ، پورھيت مزاحمت تحرڪ، جماعت اسلامي سميت ٻين تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پيادل مارچ قومي شاھراھ کان گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتو. ان موقعي تي گڏ ٿيل عوامي ميڙ کي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي نواز ليگ ۽ ٻين سنڌ دشمن ڌرين سان گڏجي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. پيپلز پارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن، سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي کي لکين سنڌياڻيون پنهنجي پر امن جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائينديون سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. ھن چيو تہ سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجھدن ڪيون آهن. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ٺٽو، سجاول ۽ بدين کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو سرسبز سنڌ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندي ۽ پنجاب جي ريگستان واري علائقي جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. ڌاڙيل نوان ڪئنال ھرگز سنڌ کي قبول ناھن. سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ ھڪ آواز آھن. سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي لاءِ جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي، سنڌو درياءُ کي بچائڻ لاءِ ڪروڙين سنڌي پرامن جدوجھد ذريعي شاندار ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪنديون. سنڌ جو ماڻھو سنڌو درياءُ خلاف ڪا بہ سازش قبول نہ ڪنديون. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪري سنڌي ماڻھن کي مارڻ چاھين ٿا. پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياءُ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش سنڌ جون بھادر نياڻيون برداشت نہ ڪنديون. سنڌو درياءَ سنڌين جي جان آهي، سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال سنڌي نياڻين جي لاشن تي ٺھندا، ست ڪروڙ سنڌي پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ وڙھندا. مارچ جي پانڌيئڙن کي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي، عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳواڻ غلام سرور پليجو، جماعت اسلامي جي عبدالمجيد سمون، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي ھٿ وٺي سنڌي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جو عوام ڪڏهن بہ سنڌو درياءُ تي نوان ڪئنالن قبول نہ ڪندو، سنڌو درياھ کي بچائڻ لاء جدوجھد شھرن سميت جھرجھنگ جاري رھندي، پيپلزپارٽي کي سنڌ جي عوام سان نہ پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن جيڪي سنڌو درياءُ مان 6 نوان غير قانوني نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. ھنن چيو تہ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ھٿ سان تباھ ڪرڻ ۽ سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ اڳئي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي وري مٿان سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي پيپلز پارٽي 7 ڪروڙ سنڌين کي اڃيو ۽ بکيو ڪري مارڻ چاھي ٿي، سنڌو درياھ سنڌين جو ساھ آھي درياھ جو وجود ختم ٿيڻ سان زرخيز سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.


