جھمپير شھر جي نہ گٽرن جي گندي پاڻي جو نيڪال ڪينجھر ڍنڍ ۾ بند ٿي سگھيو ۽ نہ ئي جھمپير واري باء پاس واري ٽٽي ويل روڊ جي مرمت ٿي سگھي آھي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) جھمپير شھر جي نہ گٽرن جي گندي پاڻي جو نيڪال ڪينجھر ڍنڍ ۾ بند ٿي سگھيو ۽ نہ ئي جھمپير واري باء پاس واري ٽٽي ويل روڊ جي مرمت ٿي سگھي آھي، جنھن ڪري شھري توڙي گاڏين وارا عذاب واري زندگي گذاري گاڏين کي پھچندڙ نقصان سبب سخت پريشان آھن، پر روڊ ٺاھيندڙ ٺيڪيدار، يوسي چيئرمين سميت ضلعي انتظاميہ کي بہ ڪو لاچار ناھي جو شھرين جي ڦٽن تي مرھم رکي سگھن، ويتر جھمپير لڳ نئي لوياڇ واري رھجي ويل روڊ جي ٽڪري گاڏين وارن جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آھي، جتي پڻ گاڏيون ڦاسڻ توڙي موٽر سائيڪل وارا ڪري زخمي ٿيڻ بہ روز جو معمول بڻيل آھي، جھمپير جي شھرين مطالبو ڪيو آھي تہ فورن جھمپير شھر جي گٽرن جي گندي پاڻي جو نيڪال ڪينجھر ڍنڍ م بند ڪري نئي لوياڇ ۽ جھمپير شھر جي باء پاس واري ٽٽي ويل روڊ جي ٽڪرن جي مرمت ڪرائي گاڏين وارن کي نقصان توڙي پريشاني کان بچايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں