صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ٺٽي جي دوري تي پھچي ويئي، صوبائي وزير عذرا پيچھو پاران سول اسپتال ٺٽو ۽ ٽائون ڊسپينري جو به دورو ڪيو، جتي مرف اين جي او جي ملازمن پاران ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون.

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ٺٽي جي دوري تي پھچي ويئي، صوبائي وزير عذرا پيچھو پاران سول اسپتال ٺٽو ۽ ٽائون ڊسپينري جو به دورو ڪيو، جتي مرف اين جي او جي ملازمن پاران ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون. ٺٽي سجاول ضلعن جي صحت مرڪزن جي دوري تي نڪتل صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو زڪوات ۽ عشر کاتي جي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي سان گڏ مختلف اسپتالن جي دوري بعد ٺٽي شھر ۾ ھلندڙ ٽائون ڊسپينسري ٺٽو ۽ مڪلي تي قائم ضلعي جي وڏي سول اسپتال ٺٽو جو دورو ڪري مختلف وارڊن ۽ سيڪشنز جو معائنو ڪري صحت جي صورتحال بابت جائزو ورتو. صحت جي صوبائي وزير آڏو سول اسپتال ٺٽو سميت ضلعي جي صحت مرڪزن ۾ ملازمت ڪندڙ مرف اين جي او جي ملازمن پاران کين ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ جي شڪايت ڪئي وئي، ان موقعي تي صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ڳالهائيندي چيو ته مرف اين جي او جي ملازمن جي پگهار جلد ڏيارڻ لاء هدايتون جاري ڪري رهي آھيان، سول اسپتال ٺٽو کي لمس جي اچڻ بعد ٽيچنگ اسپتال جو درجو ڏيئي اپ گريڊ ڪيو ويو آھي جنهن لاء فنڊز وڌائڻ سميت مختلف شعبن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لاء اسپتال جي بجيٽ پڻ وڌائي پئي وڃي، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو صحت کاتي جي اختيارين کان ٺٽي ضلعي جي ساحلي يوسي اُداسي ۾ تازو ظاهر ٿيل پوليو جي نئين ڪيس بابت بريفنگ وٺي لاڳاپيل انتظاميه کي معاملي تي ڪڙي نظر رکي پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. جڏھن تہ ان کان اڳ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچھو صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي سان گڏ تازو تعمير ٿيل گهوڙاٻاري تعلقه اسپتال ۽ ساحلي شھر ٻگهاڻ ڀرسان ايراني حڪومت جي سهڪار سان تعمير ٿيل الفرابي اسپتال جو پڻ معائنو ڪندي ٺٽي جي ساحلي شھر گهوڙاٻاري ۾ وڏي لاڳت سان تعمير ٿيل تعلقه اسپتال گهوڙاٻاري کي فوري طور تي چالو ڪرائڻ جون ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ تعلقه اسپتال گهوڙاٻاري جي پي سي ون ۽ ايس اين اِي کي فوري طور منظور ڪرائي عملي جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي. جنھن بعد صوبائي وزير عذرا پيچھو صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي سان گڏ شيرازي ھائوس ٺٽي تي پڻ پھتي، جتي ٿوري دير قيام ڪرڻ بعد سجاول رواني ٿي وئي جڏهن ته سجاول تعلقه اسپتال جو پڻ دورو ڪيو

اپنا تبصرہ بھیجیں