اپنا انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ جا 51 تحقيقي مقالا مڪمل، چالھين تي ڪم جاري

اپنا انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ جا 51 تحقيقي مقالا مڪمل، چالھين تي ڪم جاري

135 ايم ايس پي ايڇ شاگردن ڪورس ورڪ سان گڏ پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪئي ، سالياني اشاعت جو رڪارڊ سراسري طور 15 کان 18 تحقيقي مقالن تي ٻڌل

وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ اي آء پي ايڇ انتظاميه کي ملڪ ۾ عوامي صحت جي بهتري لاءِ تحقيق جي نتيجن تي عملي ڄامو پارائڻ جي تجويز

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ (AIPH) پاران 51 تحقيقي مقالا مڪمل ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اداري جي طرفان هن وقت تائين حاصل ڪيل ڪاميابين ۽ مستقبل جي مقصدن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو، تقريب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ، رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان، ڊائريڪٽر آف ريسرچ پروفيسر ڊاڪٽر هما شريف ۽ اي آء پي ايڇ جي ٻين فيڪلٽي شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب جي نظامت اي آء پي ايڇ جي ميمبر فيڪلٽي ڊاڪٽر حرا طارق ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته 2014 کان وٺي ھن مھل تائين ايم ايس پي ايڇ جي 51 شاگردن تحقيق ڪئي، 135 MSPH شاگردن پنهنجي پڙهائي ڪورس ورڪ سان مڪمل ڪئي. ان کان علاوه، 40 ٿيسز جاري آهن ۽ سالياني اشاعت جو رڪارڊ سراسري طور 15 کان 18 تحقيقي مقالا آهن. AIPH جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر آمنه ريحانه صديقي اداري جي ويزن ۽ مشن کي اجاگر ڪيو ته جيئن پبلڪ هيلٿ ايجوڪيشن، ريسرچ ۽ پريڪٽس ۾ بهتري کي هٿي وٺرائي وڃي. هن اي آء پي ايڇ ۾ مختلف علمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي اڳواڻي ڪرڻ تي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر شيراز شيخ، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر گريش ڪمار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر زعيمہ احمر ۽ ٻين جي سهڪار جو پڻ اعتراف ڪيو. جي ايس ايم يو جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ، اي آء پي ايڇ جي ڪاميابين کي ساراهندي، اي آء پي ايڇ انتظاميه کي مشورو ڏنو ته هو پاڪستان ۾ عوامي صحت جي بهتري لاءِ پنهنجي تحقيق جي نتيجن کي عملي جامو پارائن، هن اها به تجويز ڏني ته AIPH پنهنجي ڪاميابين کي ايسوسيئشن آف فزيشنز آف پاڪستاني-ڊيسنٽ آف نارٿ آمريڪا (APPNA) سان شيئر ڪري. اي آء پي ايڇ جي سينيئر انتظاميا وائيس چانسيلر جي صلاح سان اتفاق ڪيو ۽ انهن علائقن ۾ پبلڪ هيلٿ سينٽر قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو جتي انهن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.
=====================

اپنا تبصرہ بھیجیں