تعلقي شاھبندر، يوسي گونگاڻي جي ڳوٺ محمد يوسف جمالي لڳ ماڇڪي نالي وٽ 1976 ۾ ڊبل منزل ٺاھيل اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار بڻجڻ ڪري اسڪول جي عمارت مڪمل طور ڪمزور ٿي ويئي، جيڪا ڪنھن بہ وقت ڊھي پوڻ ڪري نقصان جو انديشو برقرار اھي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) تعلقي شاھبندر، يوسي گونگاڻي جي ڳوٺ محمد يوسف جمالي لڳ ماڇڪي نالي وٽ 1976 ۾ ڊبل منزل ٺاھيل اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار بڻجڻ ڪري اسڪول جي عمارت مڪمل طور ڪمزور ٿي ويئي، جيڪا ڪنھن بہ وقت ڊھي پوڻ ڪري نقصان جو انديشو برقرار اھي، جنھن ڪري اسڪول ۾ تعليم پرائيندِڙ ٻارڙا خوف ۾ ورتل آھن، پر انتظاميہ اڃان تائين ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، ان سلسلي ۾ مقامي ڳوٺاڻن عبدالقادر جمالي،

فيض محمد جمالي ۽ بين جو چوڻ ھو تہ ھنن ڪيترا ئي ڀيرا اسڪول جي زبون حال بلڊنگس بابت تعليم کاتي سميت اعلي علمدارن کي لکت ۾ چيو آھي تہ ھن اسڪول ۾ سوين ٻارڙا تعليم پرائين ٿا، جنھن اسڪول جي بلڊنگ انتھائي زبون حال بڻيل اھي، جنھن ڪري ٻارڙن جون زندگيون داء تي لڳل آھن، پر ضلعي انتظاميا ڪوبہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي، ھنن وزير اعلي سنڌ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي سجاول، چونڊيل نمائندن سميت تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو

ڪيو تہ ڳوٺ محمد يوسف جمالي جي زبون حال اسڪولي بلڊنگس جي نئي سر تعمير ڪرائي شاگردن جو مستقبل سنواري سندن زندگيون بچايون وڃن.

اپنا تبصرہ بھیجیں