ٺٽو پوليس ڇاپا هڻي ٻن حملي آور جوابدارن امجد کوکر ۽ خالد کوکر کي گرفتار ڪري ورتو


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) 2 راتيون اڳ ٺٽي شھر ڀرسان فقير جو ڳوٺ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ منگسي برادري جي ٽن نوجوانن شير منگسي، گل زمان ۽ اويس مگسي جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس منگسي برادري طرفان ٺٽي ٿاڻي تي ٽن حملي آور کوکر برادري جي جوابدارن ارشد کوکر، امجد کوکر ۽ خالد کوکر مٿان داخل ڪرايو ويو آھي، جنھن بعد ٺٽو پوليس ڇاپا هڻي ٻن حملي آور جوابدارن امجد کوکر ۽ خالد کوکر کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن تہ ارشد کوکر جي گرفتاري لاء پوليس ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، ٺٽي پوليس موجب رھيل حملي آور جوابدار کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو، ھوڏانھن زخمي منگسي برادري جا ٽيئي نوجوان اسپتال ۾ علاج ھيـٺ آھن، ٻئي طرف ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، شاھنواز لوھار ۽ ٻين اسپتال پھچي زخمين جي عيادت ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں