
رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
سجاول، ايم پي اي هير سوهو جو سنڌ حڪومت جي ترجمان مقرر ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو پنهنجي شهر ميرپور بٺورو پهچڻ تي شاندار استقبال
سجاول: پ پ اڳواڻن، ورڪرن، علائقي جي معززين ۽ عوام جي وڏي انگ پاران گلن جي ورکا.
سجاول: سنڌ حڪومت جي ترجمان هير سوهو جو قافلو هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ مين اسٽاپ ميرپور بٺورو پهتو.
سجاول: صدر پاڪستان آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي شڪر گذار آهيان جن عزت ڏني. هير سوهو جو خطاب

سجاول: جيڪا ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي ڏني آهي اها سچائي ايمانداري سان نڀائيندس. سنڌ حڪومت جي ترجمان
سجاول: سجاول ضلعو پٺتي پيل ۽ مسئلا گهڻا آهن. هن هير سوهو
سجاول: سموري سنڌ جيان هن ضلعي ۾ پڻ ترقياتي رٿائن جا ڄار وڇائينداسين. ترجمان سنڌ حڪومت
سجاول: پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي. هير سوهو
سجاول: ضياء ۽ مشرف جي آمراڻي مشڪل ترين دور ۾ پ پ جي ورڪرن، علائقي جيالن ۽ عوام جو جيئڻ جنجال هو، انهن جي قبرن تي وڃڻ لاءِ به ڪير تيار ناهي. هير سوهو
سجاول: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار اڄ به امر آهي ۽ سندن مزارن تي هزارين ماڻهو لڙڪ لاڙي دعائون گهرن ٿا. ترجمان سنڌ حڪومت
سجاول: پيپلز پارٽي قربانيون ڏئي عوام جي دلين ۾ جايون ٺاهيون آهن. هير سوهو
سجاول: منهجو جيئڻ مرڻ هتان جي عوام سان آهي کين ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ترجمان سنڌ حڪومت
سجاول: ضلعي انتظاميا ۽ عوام سان گڏجي هن شهر سميت ضلعي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون. هير سوهو
سجاول: محمد علي ملڪاڻي، ريحانه لغاري، دانش ملڪاڻي سميت سمورن ورڪرن ۽ جيالن جو ٽيم ورڪ مثالي آهي. ترجمان سنڌ حڪومت
سجاول: ڀٽو جو نعرو لڳندو رهندو پ پ جو جهنڊو جهوليندو رهندو، عوام سان گڏ آهيون گڏ رهنداسين


