جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي ڇهين ڪانووڪيشن ۾ 500 کان وڌيڪ پاس ٿيندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي ڇهين ڪانووڪيشن ۾ 500 کان وڌيڪ پاس ٿيندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو ڇهون ڪانووڪيشن 18 جنوري 2025 تي منعقد ٿيو. ان موقعي تي تعليمي سال 2023-2024 دوران بيچلرز ۽ ماسٽرز پروگرامز ۾ پاس ٿيندڙ 505 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون.

هن سال يونيورسٽي پهريون ڀيرو ڊاڪٽر آف فزڪل ٿراپي جي فارغ التحصيل شاگردن کي به ڊگريون ڏنيون.

ان کانسواءِ ڪانووڪيشن ۾ ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، فارم ڊي، بي ايس اين، بي بي اي (آنرز)، بي بي اي ايڇ سي ايم، ۽ بي ايس پبلڪ هيلٿ پروگرامز سان گڏ ماسٽرز پروگرامز، جن ۾ ماسٽر آف سائنس ان پبلڪ هيلٿ (MSPH) ۽ ماسٽر آف هيلٿ پروفيسر ايجوڪيشن (MHPE) شامل آهن، جي پاس ٿيندڙ شاگردن جي ڪاميابين جو جشن ملهايوويو، جڏهن ته نمايان شاگردن کي ميڊلز سان نوازيو ويو.

يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ يونيورسٽي جي ترقي ۽ ڪاميابين تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو” جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي رڳو هڪ تعليمي ادارو ناهي پر جدت ۽ سماجي خدمت جو مرڪز آهي.“

وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ، ڊي پي ٽي جي پهرئين گريجئيٽ بيچ تي فخر جو اظهار ڪندي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي پروگرامز جي شروعات جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته جناح اسپتال ۾ استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 100 کان وڌيڪ ڪلينڪل فيڪلٽي جي شموليت ڪئي وئي آهي.

صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، پهرين ويسڪيولر سرجري يونٽ جو افتتاح ڪيو.

هن ويليڪا ۽ لانڍي ڪيمپس جي مڪمل فعال هجڻ، فلسطيني شاگردن جي فيس معافي ۽ 25 نون فلسطيني شاگردن جي داخلا کي يونيورسٽي جي ترقي جو حصو قرار ڏنو.

پنهنجي خطاب ۾ هن گريجئيٽس کي ايمانداري ۽ محنت سان پنهنجن پيشن سان جڙيل رهڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سندن والدين جي قربانين ۽ مدد کي ساراهيو، جيڪي سندن ڪاميابي جو سبب بڻيا.

ڪانووڪيشن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ گريجئيٽس کي اعزازن سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر محمد اعزاز الرحمن (اي ايم بي بي ايس) ۽ ڊاڪٽر اميره عمر (بي ڊي ايس) کي بهترين گريجئيٽ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر اميره عمر ٽي ميڊلز حاصل ڪيا.

ٻين بهترين گريجئيٽس ۾ ڊاڪٽر عريبه خان (فارم ڊي)، حريره احمد (بي ايس اين)، ڊاڪٽر حرا نويد (ڊي پي ٽي)، مس عديده شاهه (بي بي اي-ايڇ سي ايم)، مس فبيحه افضل (بي بي اي)، مس نيها (بي ايس پي ايڇ) ۽ ڊاڪٽر ڪرن فاطمه (ايم ايس پي ايڇ) شامل آهن.

مختلف پروگرامز ۾ نمايان شاگردن کي گولڊ، سلور، ۽ برونز ميڊلز ڏنا ويا.

مجموعي طور تي 19 گولڊ، 7 سلور، ۽ 5 برونز ميڊلز ڏنا ويا جيڪي شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪن ٿا.

ڪانووڪيشن ۾ پروفيسر آمنه ريحانه ۽ پروفيسر محمد اظهر مغل کي بهترين ٽيچر ايوراڊ ڏنو ويو. ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر شاهين پروين ۽ ڊاڪٽر شهلا امام کي بهترين ٽيچر قرار ڏنو ويو. اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر احسان احمد ۽ ڊاڪٽر بشريٰ حنا کي بهترين قرار ڏنو ويو. ليڪچرار ڊاڪٽر انعم پريو ۽ ڊاڪٽر صائمه عباد کي بهترين ٽيچر ايواڊ مليو.

رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان عهد جو حلف کڻڻ واري تقريب جي قيادت ڪئي ۽ گريجئيٽس ۾ پروفيشنل اخلاق اپنائڻ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو عزم پيدا ڪيو.

ڪانووڪيشن چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر هما علي، سڀني شرڪت ڪندڙن، مهمانن، شاگردن ۽ والدين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ تقريب کي ڪامياب بڻائڻ ۾ استاد، عملي ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو.

ڪانوڪيشن جي اختتامي تقريب ۾ هڪ دستاويزي فلم ۽ سلائيڊ شو ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ گريجئيٽس جو سفر ۽ ڪاميابيون جو جشن ملهايو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں