ٺٽي ضلعي جي ڪميونٽي مڊوائيف CMD جون گذريل 8 مھينن کان پگھارن کان بند ڪري کين پڪو نہ ڪرڻ خلاف ڪميونٽي مڊوائيف سراپا احتجاج بڻيل،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ضلعي جي ڪميونٽي مڊوائيف CMD جون گذريل 8 مھينن کان پگھارن کان بند ڪري کين پڪو نہ ڪرڻ خلاف ڪميونٽي مڊوائيف سراپا احتجاج بڻيل، جن پاران ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي ۾ ڪرن، شميم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ 3 سال اڳ کين ٽيسٽ پاس ڪرائي ڪميونٽي مڊوائيف طور ڀرتي ڪيو ويو، جنھن بعد ھنن پاران ڊيوٽيون ايمانداري سان ادا ڪرڻ باوجود کين گذريل 8 مھينن کان سندن پگھارون بند ڪري کين فاقہ ڪشي تي مجبور ڪري پڪو بہ ناھي ڪيو ويو. جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن، ھنن چيو تہ کين پگھار بہ صرف 25 ھزار روپيہ ملي ٿي جڏھن تہ سرڪار گھٽ ۾ گھٽ 37 ھزار روپيہ پگھار ڏيارڻ جو اعلان ڪيو اھي، جنھن تي پڻ عمل نٿو ڪيو وڃي. ھنن گھر ڪئي تہ کين پڪو ڪري رھيل 8 مھينن جون پگھارون ڏياري پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں