
ڪڻڪ چوري ۽ ڪرپشن جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث اهلڪارن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف فوري ايف آءِ آر داخل ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي عبدالجبار خان
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي خوراڪ بابت خاص مددگار عبدالجبار خان لانڍهي ۽ پپري ۾ ڪڻڪ جي گودامن جو اوچتو دورو ڪيو.مرمت، سار سنڀال ۽ صفائي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عبدالجبار خان چيو ته گودامن جي چيڪ ۽ بيلنس لاءِ سٺي ساک رکندڙ آفيسرن جي خدمت حاصل ڪئي ويندي. عبدالجبار خان چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب خوراڪ کاتي کي ڪرپشن کان پاڪ ادارو بڻايو ويندو،هن چيو ته قمبر شهداد ڪوٽ واقعي جو نوٽيس وٺندي عبدالجبار خان چيو ته ڪڻڪ چوري ۽ ڪرپشن جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث اهلڪارن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف فوري ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. عبدالجبار خان چيو ته ڪڻڪ جي چوري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،
ان موقعي تي ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ محمد حسين بلوچ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد الله ناريجو ۽ ٻين آفيسرن ڪڻڪ جي اسٽوريج ۽ فيوميگيشن بابت خصوصي معاون کي بريفنگ ڏيندي چيو ته فيوميگيشن سال ۾ ٽي ڀيرا ڪئي ويندي آهي سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار عبدالجبار خان گودامن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ هن ٻورين مان ڪڻڪ ڪڍي پاڻ جانچيو
هن سڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گودام جي دروازن ۽ اڏاوتن جي فوري مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ تجويزون تيار ڪيون وڃن ته جيئن ڪڻڪ کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگهجي، عبدالجبار خان لانڍي گودام جي خالي زمين کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ وڌيڪ گودامن جي تعمير لاءِ پي سي ون تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.هن چيو ته ان سان مستقبل ۾ گودام ڪرائي تي وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.


