ٺٽي جي صحافي سيد غلام حسين شاھ شڪر الاھي پاران عوام دوست سياستدان ايم اين اي سيد اياز شيرازي جي مان ۾ ٺٽي شھر جي اسلامپور محلي ۾ آجياڻو ڏنو ويو،


ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي صحافي سيد غلام حسين شاھ شڪر الاھي پاران عوام دوست سياستدان ايم اين اي سيد اياز شيرازي جي مان ۾ ٺٽي شھر جي اسلامپور محلي ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ سيد مقبول شاھ، عنايت علي شاھ، مظفر شاھ، محبوب شاھ، سيد حرم شاھ، مرتضي شاھ ۽ سيد غالب شاھ پاران ميزباني جا فرض سرانجام ڏيندي مھمانن جو استقبال ڪندي کين سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، آجياڻي تقريب ۾ ايم اين اي سيد اياز شاھ گڏ صوفي شعيب الدين اختر، غني قريشي ۽ سندس فرزند پڻ شريڪ ھئا. آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي سيد اياز شاھ شيرازي چيو ته مونکي فخر آھي ته ضلعي ٺٽي جي محبتي ۽ ملوڪ ماڻھن تي جيڪي پڻ سدائين سجاول جي عوام وانگر مون تي ساھ صدقو ڪندي مونکي جيء ۾ جايون ڏيئي عزت،

پيار محبت ڏين ٿا، سيد اياز علي شاھ شيرازي چيو ته ضلعو ٺٽو اسانجي والد مرحوم سيد اعجاز شاھ شيرازيء جو روحاني آستانو ۽ اسين شيرازي ان آستاني جا مجاور بنجي ضلعي سجاول سان گڏ ضلعي ٺٽي جي غريب ۽ مظلوم عوام جي خدمت ۾ مصروف آھيون. ھن چيو تہ عوامي خدمت ساھ جي آخري سڏڪي تائين جاري رھندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں