
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) جمعيت علماء اسلام ضلعي ٺٽي جي مجلس عمومي جو اجلاس ٺٽي م ٿي گذريو، جنھن ۾ جي يو آء ٺٽي جي اڳواڻن پاران مدرسن جي رجسٽريشن جي مسئلي تي قائد جمعيت مولانا فضل الرحمٰن ۽ وفاق المدارس پاڪستان جي مؤقف جي ڀرپور حمايت ڪندي ڪوھستان سميت ضلعي ٺٽي جي ڪچي ۽ پڪي جي زمينن تي سنڌ سرڪار جي سرپرستي ۾ ناجائز والار جي سخت لفظن م مذمت ڪندي چيو تہ ڄنگھڙي ڪوھستان جي رھواسي مقامي ماڻھن جي زمين غير مقامي ماڻھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ ڏيڻ جي اجازت نہ ڏينداسين، ھنن چيو تہ ٺٽي ضلعي جا پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪري آفر آرڊر حاصل ڪندڙ 500 کان مٿي استاد اميدوارن کي 18 مھينا گذرڻ جي باوجود اڃان تائين جوائننگ آرڊر نہ ڏنا ويا آھن، جنھن بعد استادن کي رلائڻ بعد تعليم کاتي جي ڪاموري پاران ھاء ڪورٽ ۽ سيڪريٽري تعليم جي حڪمن کي بہ نہ مڃيندي استادن جي آفر آرڊرز کي ڪاغذي ڪاروائي جي اڻ پوري ھجڻ جو بھانو بنائي رد ڪرڻ بعد ٻيھر نئین سري سان ٽيسٽ ڏيڻ لاء شاھي حڪم نامون جاري ڪيو آھي جنھن جي جيتري مذمت
ڪجي اھا گھٽ آھي، جي يو آئي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ ترت آفر آرڊر مليل سمورن استاد اميدوارن کي جوائننگ آرڊر ڏيئي انھن کي پريشاني کان بچائڻ سميت ضلعي ٺٽي اندر ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين ۾ سرڪاري ڌر جي اقربا پروري توڙي مخالفن خلاف سياسي انتقامي ڪاروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو تہ بگھاڙ بئراج کي پڪو ڪرڻ خاطر زميندارن کي پاڻي جو متبادل ڏيڻ بغير پاڻي بند ڪرڻ سان زراعت کي ڪاپاري نقصان پھچايو پيو وڃي تہ ٻئي طرف اين سي ايڇ ڊي استادن جون ڊگھي عرصي کان پگھارون بند ٿيڻ ڪري انھن جا گھر ڀاتي فاقہ ڪشي تي مجبور بڻيل آھن، جنھن لاء سنڌ سرڪار فورن قدم کڻي انھن جون پگھارون جاري ڪري استادن ۾ ڦھليل بيچيني دور ڪري
ضلعي ٺٽي ۾ روز بروز بدامني، ڦرون، چوريون ۽ ھر قسم جو نشو آئیس، ٺرو ۽ بين سماجي برائين کي بنجو ڏيئي نوجوان نسل کي تباھي کان بچائي اگھور ننڍ ستل پوليس کي سجاڳ ڪري ضلعي مان منشيات فروشن، ڏوھارين ۽ چورن خلاف سخت قدم کڻي ماڻھن جي جان، مال، عزت ء آبرو جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.


