
ھلندڙ مالي سال ۾ نومبر تائين ايڪسائيز کاتي مجموعي طور تي 96289.659 ملين رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو آهي. اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو.
چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جو اهم اجلاس
ڪراچي، 6 ڊسمبر 2024: چيف سيڪريٽري سنڌ، آصف حيدر شاهه، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو موٽر وهيڪل ٽيڪس جي عمل کي وڌيڪ عوام دوست بڻائي، ان لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌايو وڃي ۽ انساني مداخلت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته اهي سڌارا عوامي سهولتن، شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. چيف سيڪريٽري زور ڀريو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ اهو عمل وڌيڪ آسان ۽ شفاف ٿيندو ۽ مداخلت گهٽ ٿيندي، جنهن سان ٽيڪس ڏيندڙن جو تجربو بهتر ٿيندو. چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان دوران، هن ايڪسپائر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس جو دائرو وسيع ڪري ته جيئن آمدني جي وصولي کي بهتر بڻائي سگهجي. هن تجويز ڏني ته ٽيڪس ڏيندڙن کي اهو آپشن ڏنو وڃي ته هو موٽر وهيڪل ٽيڪس جي اڳواٽ ادائيگي 3 کان 5 سالن لاءِ ڪري سگهن ته جيئن اهي ماڻهو، جيڪي ايندڙ سالن ۾ پنهنجو ٽيڪس ادا ڪرڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ سهولت مهيا ڪئي وڃي. اهو قدم ٽيڪس ڏيندڙن کي ادائيگين کي منظم ڪرڻ ۾ وڌيڪ لچڪ مهيا ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويندو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڊپارٽمينٽ محمد سليم راجپوت، سيڪريٽري امپليمينٽيشن ۽ ڪوآرڊينيشن شهاب قمر انصاري ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ کاتي مالي سال 2024-25 لاءِ آمدني جي وصولي ۾ اهم ڪاميابين بابت رپورٽ ڏني. نومبر 2024 تائين، موٽر وهيڪل ٽيڪس جي مد ۾ 6532 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن.
ان کان علاوه، پروفيشنل ٽيڪس جي مد ۾ 707 ملين رپيا ۽ انفراسٽرڪچر سيز جي مد ۾ 85172 ملين رپيا وصول ڪيا ويا آهن. کاتي انٽرٽينمنٽ ڊيوٽي جي مد ۾ 49 ملين رپيا، ايڪسائيز ايڪٽمينٽ ٽيڪس جي مد ۾ 3756 ملين رپيا ۽ ڪپهه فيس جي مد ۾ 71 ملين رپيا گڏ ڪيا آهن. کاتي پنهنجي جاري ترقياتي منصوبن جو به ذڪر ڪيو جيڪي سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) تحت شامل آهن، جن ۾ 6 انفراسٽرڪچر منصوبا ۽ هڪ آءِ ٽي منصوبو شامل آهي. اهي منصوبا کاتي جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. کاتي پنهنجي جديديت جي ڪوششن تحت ڪيترائي جديد قدم متعارف ڪرايا آهن جن ۾ بايوميٽرڪ تصديق، موٽر وهيڪل جي رجسٽريشن لاءِ ڪيشيئر ٽرانزيڪشنز ۽ پريميئم نمبر پليٽس جي آن لائن نيلامي شامل آهن. اهي قدم کاتي جي حڪمراني کي بهتر ڪرڻ ۽ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ آهن. وڌيڪ، موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 ۾ ترميمون ۽ 2024-25 جي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي شرح ۾ نظرثاني تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته جيئن کاتي کي جديد معيارن مطابق بڻائي سگهجي ۽ ان جي آپريشنز کي آسان بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽينسز ايڪٽ 2024 تحت کاتي جي ڪوششن تي پڻ گفتگو ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري کي نارڪوٽڪس سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کان علاوه، کاتي ٻڌايو ته 2024 ۾ 114 نارڪوٽڪس ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 142 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. نارڪوٽڪس ڪنٽرول آپريشنز لاءِ جديد سامان خريد ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري 40 ملين رپين جي منظوري ڏني. ان فنڊنگ سان کاتي جي صلاحيت وڌندي ۽ اهو وڌندڙ نارڪوٽڪس مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه کاتي جي جاري ڪوششن کي ساراهيو ۽ زور ڀريو ته پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ وڌيڪ جديديت ۽ عوامي سهولتن جي اهميت کي سمجهيو وڃي. هن سنڌ حڪومت طرفان ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ کي جديد بڻائڻ، عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ شفاف، موثر ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي ٻيهر آٿت ڏني.
هينڊ آئوٽ نمبر…..1044ايف آئي جي


