ته سمنڊ ،دريا توڙي ڍنڍن مان مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ مهاڻن جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ پائيدار پاليسي جوڙي مالي پيڪج جو اعلان ڪيو وڃي،

ملير ( ڊر ) سنڌ جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي نمائندن وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سمنڊ ،دريا توڙي ڍنڍن مان مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ مهاڻن جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ پائيدار پاليسي جوڙي مالي پيڪج جو اعلان ڪيو وڃي، ،سنڌو دريا تي ڊيم اڏڻ توڙي ڪئنال ڪڍڻ جي رٿا ختم ڪري ڊِيلٽا جي تباھي ۽ مهاڻڻ سميت سنڌ جي عوام جو قومي، سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي قتل جي سازش کي ٻنجو ڏنو وڃي اهڙو مطالبو مهاڻڻ جي تنظيم پاڪستان فشرفوڪ فورم طرفان مهاڻن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري موٽاڻي جي ٽي تي رٿيل مهاڻن جي وڏي ميڙاڪي ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڪراچي جي مختلف ماهگير وسندين مان مهاڻن توڙي عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ميڙاڪي ۾ ماهيگير ميلو لڳائي مختلف ثقافتي شين جا اسٽال لڳا ويا ۽ عالمي ڏهاڙي کي مهاڻن جي عيد جو ڏينهن قرار ڏيندي گيت ۽ ٽيبلو پڻ پيش ڪيا ويا ان موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مصطفيٰ ميراڻي چيو ته مهاڻو سر تان سانگو لاهي سمنڊ ،دريا توري ڍنڍن مان مڇي ماري ملڪ جي معيشت کي مظبوط ڪرڻ ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هي اهڙو بدقسمت پورهيت آهي جنهن کي رياست اعلان باوجود اڃان تائين پورهيت جو درجو نه ڏنو آهي نه ئي کيس پورهيتن جون سهولتون ڏنيو ويون آهن هن چيو ته اڄ جڏهن سڄي دنيا جا مهاڻا پنهنجن ملڪن ۾ عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن تڏهن پاڪستان سميت سنڌ جا مهاڻا محرومين ۽ معاشي بدحالي هوندي به اهو ڏهاڙو ملهائي پنهنجي روزگار جي زريعن جي تحفظ جي گهر ڪري رهيا آهن وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو مهاڻڻ جي ببنيادي حقن جي تحفظ جا اثرائتا اپاءُ وٺي، ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نذير ڀٽو ۽ ابراهيم حيدري جي سياسي سماجي جان عالم ڄاموٽ چيو ته دنيا ۾ سرمائيدار پنهنجي سيڙپ وڌائڻ لاءِ گيسن، تيزاب،دونهين ۾ واڌ ڪري ماحولياتي آلودگي پکيڙي رهيا آهن گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾هوا، برسات ۽ موسمن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي پاڪستان جهڙي ڪمزور معاشي ملڪ جي حڪمرانن کي عوام، ملڪ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ انتظام ڪرڻا پوندا ان سلسلي ۾ ملڪ جا مهاڻا رياست جو ڀرجهلو ٿي سگهن ٿا، ان سلسلي م پيپلزپارٽي جي حڪومت بهتر اپائو وٺي رهي آهي انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ اسد ڀٽ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو ماهيگير مسلسل انساني حقن جي لتاڙ جو شڪار آهي هن وقت فشريز کاتو توڙي فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي ڪرپشن جو شڪار آهن ايستائين جو فشر مين سوسائٽي جون چونڊون به وقت سر نٿيون ڪيون وڃن، مقامي منڊي کان ڪراچي فش هاربر تائين مهاڻن کان مختلف حوالن سان ٽيڪس جي نالي غنڊه ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي مهاڻن جي ڀلائي لاءِ جوڙيل ادارن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ان موقعي تي ناصر منصور، فشر فوڪ جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ، وائيس چيئر پرسن فاطمه مجيد، زيغم بيگ، صائمه، ايوب شان، مشتاق بابو ۽ ٻين خطاب ڪيو مهاڻن جي ميڙاڪي ۾ قرارداد پيش ڪندي گهر ڪئي ويئي ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ قيد مهاڻن کي خير سگالي بنيادن تي آزاد ڪيو وڃي،سمنڊ مان تمر جي ٻيلن جي واڍي بند ڪري ماحولياتي گدلاڻ تي ظابطو آندو وڃي ،مهاڻن کي جلد پورهت تسليم ڪندي کين پورهيت ڪارڊ ۽ سوشل سيڪيورٽي ڏني وڃي،مهاڻن تي مڙهيل اجايا هٿرادو ٽيڪس ختم ڪيا وڃن.

اپنا تبصرہ بھیجیں