نواز ليگ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجن شرطن تي ووٽ ڏينداسين

بلاول چيو ته نواز ليگ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجن شرطن تي ووٽ ڏينداسين، پيپلزپارٽي حڪومت کي ووٽ ڏيڻ لاءِ جيڪي شرط رکيا آهن انهن تان پٺتي نه هٽندي

نواز ليگ پنهنجي موقف تان پٺتي نه هٽي ته ملڪ ۽ جمهوريت جو نقصان ٿيندو، نوازليگ جي ڊائلاگ ڪميٽي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار وڏي اڪثريت سان سامهون آيا آهن، پر پي ٽي آءِ وارا اسان سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهن، جيڪي ڳالهين لاءِ تيار آهن انهن کي اسان جا شرط مڃڻا پوندا، حڪومت سازي ۾ دير جي نتيجي ۾ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، مون کي خبر ناهي ته ڇا ٿيندو پر جمهوريت کي نقصان ضرور ٿيندو

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں