اميد نه وڃايو، مون کي اڃا به لڳي ٿو ته ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي: شعيب اختر

اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي وڏن ايونٽس لاءِ هڪ قدم ثابت ٿيندي، شعيب اختر پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ واپس چينل ڳالهيون ٿينديون، اسان کي اميد نه وسارڻ گهرجي پر حل جو انتظار ڪرڻو پوندو.

چيو ته پاڪ-ڀارت ٽيمن جي آمد واقعي حڪومتن جي هٿ ۾ آهي، بورڊ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته اسان سڀ اها حقيقت ڄاڻون ٿا ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ۾ 95 کان 96 سيڪڙو اسپانسر شپ ڀارت مان اچي ٿي، ان ڪري ڀارتي بورڊ به اکيون ڏيکاري ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں