
ڪراچي(رپورٽر) پارٽيسيپيٽري ويج ڊولپمينٽ پروگرام سنڌ۾ ”ڪول دي ارٿ“ جي شروعات ڪئي. ان حوالي سان مقامي هوٽل ۾ هڪ ورڪشاب جو اهتمام ڪيو ويو .جن جو مقصد ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۽ ڪميونٽي جي اڳواڻي ۾ وڻ پوکڻ ذريعي ماحولياتي استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي.کول ڊي ارٽ پروگرام جي ڪنسلٽنٽ تنوير عارف چيو ته هڪ سرسبز مستقبل، هڪ ٿڌو سياروڪول دي ارٿ“ جي شروعات سڄي سنڌ ۾ ڪئي ويندي، جنهن ۾ خاص ڌيان ٿرپارڪر تي هوندو. هن چيو ته اسان وڏي پيماني تي منصوبو شهرين، ڪارپوريٽ ادارن ۽ برادرين کي وڻن جي پوکڻ ۽ پرورش ۾ شامل ڪندسين ته هڪ سرسبز پاڪستان ۾ حصو وٺندو.ڪول دي ارٿ پروگرام ھڪڙو وڏو حصو وٺندڙ وڻ پوکڻ جي شروعات آھي، جنھن ۾پي وي ڊي پي شامل آھي. ڪارپوريٽ سيڪٽر، مقامي برادريون، ٽيڪنيڪل ادارا ۽ سنڌ حڪومت. جيڪا ٿرپارڪر کان شروع ٿي سڄي سنڌ تائين پهچندي. هن پروگرام ۾ شهري ۽ ڪارپوريٽ ادارا واعدو ڪندا ۽ وڻن کي سپانسر ڪندا، ڪميونٽي انهن کي پاڻي ڏيندو ۽ انهن جي پرورش ڪندو ۽ پي وي ڊي پي نرسري، ٽريننگ، وڻ پوکڻ ۽ سار سنڀال جي ڪمن
جو انتظام ڪندو. 2 سالن ۾ 1 ملين وڻ پوکڻ ۽ ان جي جو هدف آهي.تقريب ۾ پي وي ڊي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊومينڪ اسٽيفن موسمياتي عمل ۽ ڪميونٽي کي بااختيار بڻائڻ ۾ پروگرام جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. اينگرو فائونڊيشن جي فواد سومرو،اين ايف اي ايچ جي نعيم قريشي ،اي زيڊآر سي جي ڊاڪٽر عطاالله خان ۽ ڊائريڪٽرپاڪستان ايگريڪلچر ڊاڪٽر ذاڪر حسين ڌاهري جنهن موسمياتي تبديليءَ جي موافقت ۽ پائيدار زراعت تي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.اينگرو جي فواد سومري پائيدار ترقي لاءِ ڪارپوريٽ پارٽنرشپ جي اهميت تي زور ڏنو.هنن چيو ته برادرين کي بااختيار بڻائي جي ضرورت آهي .هنن تربيت ۽ وسيلا مهيا ڪيا وڃن ته هو وڻن جي پوک ۽ ان جي سار سنڀال ۾ فعال طور تي حصووٺڻي سگهن ،هن چيو ته سائي ڍانچي کي وڌائڻ سان، شروعات آبهوا جي تبديلي کي گھٽائڻ، هوا جي آلودگي کي گهٽائڻ، ۽ جيوتائي تنوع کي بچائڻ ۾ مدد ڪندي.تقريب جي پڄاڻي هڪ متحرڪ سوال ۽ جواب واري سيشن سان ٿي، جتي شرڪت ڪندڙن موسمياتي عمل جي مختلف پهلوئن ۽ ڪول دي ارٿ پروگرام جي اثرن تي ڳالهائيندڙن سان ڳالهايوهن چيو ته سنڌ هڪ صحتمند، لچڪدار ڌرتي لاءِ هن مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جو منتظر آهي پي وي ڊي پي سنڌ ڪميونٽيز، سرڪاري ادارن ۽خانگي شعبي جي ڀائيوارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي .ته جيئن ”ڪول دي ارٿ“ جي ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اجتماعي ڪوشش ذريعي اسان ايندڙ نسلن لاءِ وڌيڪ پائيدار ۽ لچڪدار مستقبل ٺاهي سگهون ٿا.
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


