سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، پاڻي تي ڌاڙن، زمينن تي قبضن، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ عورتن مٿان ظلم خلاف 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل ريلي لاءِ سنڌياڻي تحريڪ طرفان عوامي سجاڳي مهم جاري.

ٺٽو (علي گوهر قمبراڻي) سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، پاڻي تي ڌاڙن، زمينن تي قبضن، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ عورتن مٿان ظلم خلاف 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل ريلي لاءِ سنڌياڻي تحريڪ طرفان عوامي سجاڳي مهم جاري. ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي اڳواڻ بختاور ملاح ۽ سلما لاشاري ٺٽي ضلعي جهمپير، مڪلي، انور جمهاري، انور پالاري، شاهه محمد چانگ، ٺٽو شهر ۽ قاسم شيخ سميت ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري عورتن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ڪارونجهر ڪورڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ڪارونجهر سنڌ جي تهذيب جو اهڃاڻ آهي، ڪارونجهر جي ڪٽائي برداشت نه ڪبي، ڪارونجهر، گورک، گنجي ٽڪر، کير ٿر، ڪينجهر ۽ هاليجي سميت سنڌ جا سمورا تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ پيپلز پارٽي سرڪار وڪر ڪرڻ چاهي ٿي. پيپلز پارٽي سنڌ ڪابينا کي سنڌ وڪرو ڪميشن بڻائي ڇڏيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته قبائلي سردارن کي طاقتور بڻائڻ واري سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلي سبب سنڌ ۾ ڪارو ڪاري ۽ عورتن سان زيادتي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي سرپئنچي ۾ جرڳا ڪرائي عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ وهشي جوابدارن کي پئسن عيوض ڇوٽ ڇڏيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي سرڪار درندہ صفت اوباشن جي سرپرستي ڪري سنڌ ۾ عورتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪب آباد ضلعو وهشي جنسي ڏاڍائي ڪندڙنن لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻايو ويو آهي. لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنون پيپلز پارٽي سرڪار ڌاڙيل جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري ۽ وڪرم لال سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. سنڌ ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي، ڌاڙيلن کي افغانستان مان اسمگل ٿيل هٿيار پهچائيندڙ سرڪاري عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعي جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳيهي ويو آهي، تمر جا ٻيل ختم ٿي ويا آهن، ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي بند ڪري ماحولياتي تباهي آندي وئي آهي، مٿان وري ڇهه نوان ڪينال ڪڍي سنڌو درياهه جو قتل ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته 17 نومبر تي ڪراچي ۾ هزارين سنڌياڻيون گڏ ٿي زبردست احتجاج رڪارڊ ڪرائينديون.

==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp


8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے

( 03094386375 )
WhatsApp


Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact

( 03094386375 )
WhatsApp
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں