
پريس رليز لمس ڄامشورو
ڄامشورو: لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو جي انتظاميا جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته شاگردن جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاء يونيورسٽي جي انتظاميا بهتر قدم کڻي رهي آھي, شاگردن کان فون ۽ ليپ ٽاپ ڦرڻ جا سنگين واقعا پيش آيا، جنهن بعد لمس انتظاميا فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ڳوٺ مصري کوسو ۽ يوسف کوسو جي ڳوٺاڻن کي متبادل رستو فراهم ڪيو ۽ شاگردن کي محفوظ بڻايو. شرپسند ماڻهون غلط رنگ ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن, لمس انتظاميه پاران قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي شرپسندن خلاف ڪاروائي جي اپيل
تفصيل موجب:- پڌرائي موجب ڄامشورو لياقت يونيورسٽي( لمس) جي پٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي ڳوٺ مصري کوسو ۽ يوسف کوسو جي رهواسين کي رستي جي لاءِ 4 ايڪڙ زمين ڏني وئي هئي جڏهن ته لمس جي هاسٽلن ۾ رهندڙ پرڏيهي ۽ مقامي شاگردن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهو هڪ ضروري قدم هو، ان کان اڳ ڄاڻايل ڳوٺن جي رهواسين نئين رستي ملڻ تي جشن به ڪيو هو جنهن جا ثبوت لمس وٽ موجود آهن. جاري ڪيل بيان ۾ لمس انتظاميا چيو آهي ته گذريل ٽن سالن کان ڳوٺاڻن پاران اهو يونيورسٽي جو ڏنل رستو استعمال ڪري رهيا آهن, پر هاڻي ڄاڻايل ڳوٺن جا ڪجهه رهواسي ماڻهن کي احتجاج تي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن, جڏهن ته سڄي ڪيمپس کي اڳ ۾ ئي بائونڊري وال ٺاهي محفوظ ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميا ڪيمپس ۾ رهندڙ هزارين شاگردن کي غير محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو نه ڪندي، ڇاڪاڻ ته ڪيمپس وٽان گذرندڙ ڳوٺن جي رهواسين کي مڪمل رستو فراهم ڪرڻ ممڪن نه آهي، مسري کوسو ۽ يوسف کوسو ڳوٺ کي متبادل رستو فراهم ڪرڻ کان اڳ شاگردن خاص ڪري ڇوڪرين کان فون ۽ ليپ ٽاپ ڦرڻ جا سنگين واقعا پيش آيا، جنهن تي يونيورسٽي انتظاميا فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ڳوٺاڻن کي متبادل رستو فراهم ڪيو ۽ شاگردن کي محفوظ بڻايو. ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن ۽ کين خبردار ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽي جي امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گذارش آهي ته هن معزز اداري جي حفاظت ۽ حرمت کي برقرار رکڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪن.
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


