ٺٽي ۽ مڪلي جي شھرن ۾ بجلي ۽ سوئي گئس جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ توڙي پاڻي جي کوٽ خلاف ٺٽي ۽ مڪلي جا شھري، سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، ٺٽي کان مڪلي ڊي سي آفيس تائين پيادل مارچ، شھرين پاران سندن بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ۽ مڪلي جي شھرن ۾ بجلي ۽ سوئي گئس جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ توڙي پاڻي جي کوٽ خلاف ٺٽي ۽ مڪلي جا شھري، سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، ٺٽي کان مڪلي ڊي سي آفيس تائين پيادل مارچ، شھرين پاران سندن بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ ٺٽو ۽ مڪلي جي شھرين، سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين جي اڳواڻن پاران شھرين سان گڏ بجلي ۽ سوئي گئس جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ توڙي پاڻي جي کوٽ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي شھر ۾ سيد جلال شاھ، عمران خشڪ، اقبال جاکرو، محبوب بروھي، راجو قريشي، ڊاڪٽر شيام ڪمار، شھروز چانگ، سيد امجد حسين شاھ، عبدالحميد مھراڻوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري ٺٽي کان مڪلي ڊي سي آفيس تائين پيادل لانگ مارچ ڪري سخت نعريبازي ڪندي شھري اڳواڻن چيو تہ ٺٽي ۽ مڪلي تي ڪافي وقت کان پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آھي تہ ٻئي طرف ھن سخت گرمي ۾ بجلي جي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ سميت 8 ڪلاڪ سوئي گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شھرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، پر انتظاميہ توڙي چونڊيل نمائندن ھن طرف ڪوبہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھن، ان کانسواء ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري شھرين سخت پريشان آھن، ھنن چيو تہ شھرن ۾ صفائي سٿرائي جو ڪوبہ انتظام ناھي ۽ نہ ئي گٽر نالن جي ڪا صفائي ٿي سگھي آھي، موسميات کاتي پاران برساتن جي ڪيل اڳڪٿي باوجود انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، جنھن ڪري برساتون پوڻ بعد شھرين جي تڪليفن ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو. ھنن گھر ڪئي تہ فورن پاڻي جي کوٽ ختم ڪري بجلي توڙي سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرن مان صفائي ڪرائي گٽر نالن توڙي سم نالن جي کانٽي ۽ صفائي ڪرائي، جن علائقن ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي ويا آھن، اھي تبديل ڪري شھرين کي جيئڻ جو حق ڏيئي کين گھربل سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيو وڃن. بجلي، گئس ۽ پاڻي بحران خلاف ٺٽي کان مڪلي تائين پيادل آيل لانگ 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻي جائز مطالبا حل ڪرڻ جي گھر ڪئي، جتي انتظاميه سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد احتجاج جي ٻئي مرحلي ۾ جمعي ڏينهن ٺٽي ۾ شٽربند هڙتال ۽ آچر تي مڪلي باء پاس تي ڌرڻي جو پڻ شھرين پاران اعلان ڪيو ويو آھي.
==================

اپنا تبصرہ بھیجیں