
ڪراچي (6 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين Ms Emma Fan وچ ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ 1.3 ارب ڊالرن جي ترقياتي پورٽ فوليو بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وڏي وزير پنهنجي حڪومت جي ترقياتي ترجيحن تي روشني وڌي ۽ اي ڊي بي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ موقعن جي ڳولا ڪئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ڊپٽي ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم پڻ شرڪت ڪئي. ريڊ لائن: وڏي وزير ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري هيڊ بي آر ٽي ريڊ لائين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ منصوبي تي هلندڙ ڪم کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) ڪوريڊور ذريعي ڪراچي ۾ هڪ پائيدار شهري ٽرانسپورٽ سسٽم کي هٿي وٺرائيندو جنهن سان اچ وڃ ۽ رسائي جي ضرورتن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ 26.6 ڪلوميٽر ڪوريڊور ۽ ان سان لاڳاپيل سهولتن سان 15 لک ماڻهن کي سڌو سنئون فائدو ٿيندو. وڏي وزير چيو ته هي پاڪستان جي پهريون بي آر ٽي منصوبو آهي جيڪو ڍورن جي فضلي مان بايو ميٿين تي هلندو آهي جنهن سان شهر جي ماحوليات ۽ مالي استحڪام ۾ بهتري اچي رهي آهي. اها نشاندهي ڪئي وئي ته لوٽ-I جي فزيڪل پروگريسو 18.37٪ هئي ۽ لوٽ-II جي 16.06٪ هئي. سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن پروجيڪٽ: وڏي وزير ۽ ايمافين سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ (SSEIP) تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن تحت صوبي جي 10 ضلعن ۾ موجود پرائمري اسڪولن ۾ 160 سيڪنڊري اسڪول بلاڪ ٺاهيا ويا آهن ته جيئن پرائمري ۽ پوسٽ پرائمري تعليم جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪري سگهجي. پروجيڪٽ جو مقصد پنجن بنيادي مضمونن (انگريزي، رياضي، حياتيات، ڪيمسٽري ۽ فزڪس) ۾ تدريسي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۽ ثانوي تعليم جي معيار کي وڌائڻ لاءِ آپٽيڪل مارڪ ريڊر (OMR) مشين ذريعي ثانوي تعليمي امتحاني نظام کي مضبوط ڪرڻ آهي. اهو 13.1 ارب رپين جو منصوبو آهي. منصوبي جي فزيڪل پروگريس تي بحث ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 117 اسڪولن لاءِ سول ورڪس جا سمورا ٺيڪا ڏنا ويا آهن (23 ڊسمبر – 24 مئي) ۽ تعميراتي ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته ڊسمبر 2024ع جي شروعات ۾ 2630 استادن کي تربيت ڏيڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽريننگ مينوئل ۾ امتحاني سڌارا، ايس ايل او جي بنياد تي امتحانن، 5 وڏن مضمونن ۾ 400 امتحانن/پيپر سيٽرن لاءِ ورڪشاپ ۽ او ايم آر سامان جي فراهمي مڪمل ڪئي وئي. ٻوڏ متاثرين لاءِ هنگامي رليف پلان: هڪ ٻيو منصوبو ايمرجنسي فلڊ اسسٽنس پروجيڪٽ (EFAP) تي وڏي وزير ۽ ايي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڳالهه ٻولهه ڪئي. اي ايف اي پي تحت صوبي جي 18 ضلعن ۾ سيپٽمبر 2022 تائين ٻوڏ/ برسات متاثر روڊن جي بهتري/ بحالي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. اهي روڊ مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جي متاثر ماڻهن کي مارڪيٽن، تعليمي مرڪزن، صحت جون سهولتون وغيره فراهم ڪندا. وڏي وزير چيو ته موسم کان بچاءُ لاءِ خاص ڊيزائن ٿيل مهارتن جي ضرورت هئي تنهن ڪري پروجيڪٽ ٻوڏ/ برساتن ۾ تباهه ٿيل روڊن جي بحاليءَ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا آهن. هي منصوبو 48.4 ارب رپين جو آهي. منصوبي جي فزيڪل پروگريسو تي بحث ڪندي وڏي وزير چيو ته سمورن 17 روڊ پيڪيجز تي تعميراتي سرگرميون جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت اڪثر روڊ پيڪيجز واٽر بائونڊ ميڪادم (WBM) اسٽيج تي آهن. وڏي وزير چيو ته پراجيڪٽ مئنيجمينٽ ڪنسلٽنٽس (PMC) ۽ ڪانٽريڪٽرن سان پندرهن ڏينهن اجلاس منعقد ڪيا پيا وڃن ته جيئن فزيڪل سرگرميون تيز ڪيون وڃن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته معيار ۽ ٽائيم لائينز موجب ڪم ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پي ايم سي جي TOR’s موجب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اي ايف اي پي حيدرآباد جي آفيس ۾ RAMS سيٽ اپ قائم ڪيو پيو وڃي ۽ ان مطابق RAMS ڊيٽا جي اپ گريڊيشن تي ڪم شروع ڪيو ويندو. فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ پروجيڪٽ: سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اي ڊي بي جي فنانسنگ گهٽ ۾ گهٽ 250000 ملٽي هيزڊ ريليلينٽ گهرن جي تعمير ۾ مدد ڪري رهي آهي جيڪو ڪميونٽي جي اڳواڻي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک گهرن لاءِ WASH/Toilet سهولتن جي تعمير ۽ ماحوليات جي لحاظ کان بهتر بنيادي ڪم ۾ مدد ڪندو. اٽڪل 15 لک ۽ 6 لک ترتيبوار ماڻهن کي رهائش ۽ بهتر ڪميونٽي انفراسٽرڪچر جي تعمير مان فائدو حاصل ٿيندو. اي ڊي بي جي ڪنٽري چيف وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو ٽي پي 4 قائم ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪندو. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه کي هدايت ڪئي ته ايندڙ هفتي ۾ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر کي ضروري ڪاغذي ڪارروائي فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر روڊن نيٽ ورڪ، نيڪال، واٽر سپلاءِ، فلائي اوور ۽ انڊر پاسن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي انفراسٽرڪچر جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هڪ ڀيرو اسٽڊي مڪل ٿيڻ سان رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ مناسب منصوبا تيار ڪيا ويندا.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


