نواز شريف سياست کان پاسيرو ٿي ويو؟ مريم نواز جي وضاحت

نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مان نواز شريف جي حڪم جا پابند آهيون، اسان نواز شريف جي سربراهي ۽ نگراني ۾ ڪم ڪنداسين، نواز شريف جو سياست کان پاسيرو ٿيڻ وارو تاثر غلط آهي، وزارت عظميٰ جو عهدو قبولڻ کان انڪار جو مطلب سياست ڇڏڻ ناهي

ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف ايندڙ 5 سالن دوران نه رڳو ڀرپور سياست ڪندو پر وفاق ۽ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومتن جي سرپرستي به ڪندو

هن چيو ته نواز شريف کي ٽنهي حڪومتن ۾ عوام واضح اڪثريت ڏني هئي، پنهنجي تقرير ۾ نواز شريف واضح ڪري چڪو آهي ته ڪنهن به مخلوط حڪومت جو حصو نه بڻجندو

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں