
ڪراچي (23 جنوري): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جتي هر ماڻهو پنهنجي قابليت کان وڌيڪ معياري تعليم حاصل ڪري سگهي. هن اها ڳالهه صوبي ۾ ڪم ڪندڙ گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر کي 23 ٽويوٽا وين گاڏيون ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. پروگرام آرٽس ڪائونسل ڀرسان بوائز اسڪائوٽ گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اڄوڪو اسان جو قدم سنڌ ۾ معذور ماڻهن جي شموليت ۽ سندن خدمت ڪرڻ بابت اسان جي عزم جو مظهر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان هتي هن تقريب ۾ گڏ ٿيا آهيون 23 ٽويوٽا هاءِ ايس وينز(گاڏيون) سڄي صوبي ۾ سرڪاري اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي مرڪزن کي حوالي ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز ويد ڊئبلٽيز (DEPD) جي تحت ڪم ڪري رهيا آهن. جسٽس باقر چيو ته هي وين (گاڏيون) رڳو گاڏيون نه پر اميد جي علامت پڻ آهن. هن چيو ته اڄوڪو قدم اسان جي مسلسل خدمت جي نمائندگي ڪن ٿا ته مختلف معذور شاگردن کي پڪ اپ ۽ ڊراپ آف جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ اسان عوامي خدمتون مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي چڪا آهيون. نگران وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ٿي ڪري جتي هر ماڻهو بنا ڪنهن متڀيد معياري تعليم حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته معذورن کي بااختيار بڻائڻ سنڌ حڪومت جو مسلسل اهم ترجيح رهيو آهي ۽ اهي گاڏيون ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون ته ضرورتمند شاگردن کي ڪنهن به رڪاوٽ کانسواءِ اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي مرڪزن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. ۽ هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪري هو ان خال کي ڀريندي تعليم کي صوبي جي هر شهري تائين پهچائڻ چاهين ٿا. وڏي وزير سنڌ ۾ هڪ جامع سماج جي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ معذور ماڻهن جي بااختيارگي واري کاتي (DEPD) جي محنت کي ساراهيو. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ هن چيو ته اچو ته گڏجي هڪ اهڙي سماج جي تعمير لاءِ ڪم ڪندا رهون جتي هر ڪنهن کي سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي عظيم ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
مذهبي اڪثريت سبب ڪنهن به شهري کي اقليت نه سمجهيو وڃي، وڏو وزير جسٽس باقر
تڪثيريت ۽ اڻ برابري کانسواءِ امن ۽ خوشحالي اسان کان پري آهي، جسٽس باقر
ڪراچي (23 جنوري): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اقليتن جي حقن لاءِ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به شهري کي رڳو مذهب سبب ملڪ ۾ اڪثريت خلاف پاڻ کي اقليت نه سمجهڻ گهرجي جيتوڻيڪ ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ ڇونه هجي. ڇاڪاڻ ته آئون سمجهان ٿو ته مذهب جي تحفظ ۽ بنيادپرست ٽولن لاءِ ٺاهيل قانون کي هٿيار بڻائي تعصب جا ٻج پوکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سندس هميشه يقين رهيو آهي ته ناقابل برداشت حقيقتن کي منهن ڏيڻ ۽ خود شناسي بهتر مستقبل جي ڪنجي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي ڪانفرنسن جو هڪ ٻيو اهم ڪارڻ به آهي ته غير مسلم شهرين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ خاص ڪري آزاديءَ سان پنهنجي عقيدي جو اظهار ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۽ سندن تبليغ جي حقن وغيره لاءِ عزم کي ورجائڻ جو موقعو ملندو آهي. ڪانفرنس اڱاري ڏينهن اقليتي معاملن بابت کاتي پاران پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان پنهنجي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي. پنهنجي خطاب ۾ وڏي وزير چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ بنيادي حق ۽ شهري آزاديون خطري ۾ آهن ڇوته قدامت پسند حڪومتون ڪمزور برادرين کي وڌيڪ پٺتي رکڻ چاهين ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي سپريم ڪورٽ بابري مسجد جي جاءِ تي مندر تعمير ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي برقرار رکيو. هن چيو ته انتهاپسند ٽولن جي دٻاءَ جي باوجود سڄي پاڪستان ۾ عدالتن مذهبي آزادي لاءِ سٺو ڪم ڪيو آهي جيڪي اڪثر اهڙن شدت پسند گروهن جي دٻاءَ هيٺ رهنديون آهن. جسٽس باقر چيو ته سپريم ڪورٽ 2014 ۾ پشاور ۾ چرچ تي حملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. مذهبي هنڌن جي تحفظ لاءِ واضح هدايتون ڏيندي سپريم ڪورٽ چيو ته اسان سڀ انسان هڪ ئي نسل جا آهيون، جن کي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ کانسواءِ انهن چئلينجن کي منهن نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته دنيا ۾ اها مثالي تبديلي رڳو فرقيواراڻي ۽ نسلي تعصبن جي حوصلاافزائي سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي جيڪي عالمي ۽ قومي سطح تي گڏيل قدرن ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ۽ انهن قدرن ۽ حقن کي هٿي وٺرائيندي سختيءَ سان عمل ڪرائي سگهون ٿا. وڏي وزير چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان سپريم ڪورٽ جا ٻه وڌيڪ ترقي پسند فيصلا ڏٺا آهن. طاهر نقاش ڪيس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ احمدين جي مذهب تي عمل ۽ تبليغ جي حق کي تسليم ڪيو آهي. ساڳي ريت سلامت منشا جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ مذهب خلاف ڏوهن جي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جسٽس مقبول باقر چيو ته سلامت منشا ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ان ڳالهه کي پڻ اجاڳر ڪيو ته ڪيئن اڪثر ذاتي مفادن لاءِ اهڙا الزام لڳايا ويندا آهن ۽ عدالتن آڏو فيصلا ٻڌائيندڙ پرتشدد روئي هڪ شخص کي ڏوهاري بڻائي ڇڏيندو آهي. هن چيو ته اهڙن فيصلن جي اهميت جيتوڻيڪ فقهي قدر کان وڌيڪ آهي ۽ ان جي ابتڙ عدالت پاران انتهاپسندي کان متاثر ٿيڻ کان انڪار ڪري کين اهميت کي اجاڳر ڪيو ويو. ان کان علاوه اهڙا فيصلا شهرين کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم آهن ته سندن حق ڪمزور بنيادن تي ٻڌل نه آهن. وڏي وزير چيو ته اسان اڪثر غير مسلم شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. هن چيو ته آئون شعوري طور اقليت جو لفظ استعمال نه ڪندو آهيان ڇاڪاڻ ته سمجهان ٿو ته ڪنهن به شهري کي پنهنجي ملڪ ۾ اقليت نه سمجهيو وڃي فقط ان ڪري جو هو هڪ مذهب ۾ يقين رکي ٿو جيڪو ڪنهن به ملڪ جي اڪثريتي مذهب کان مختلف هجي. ۽ وڌيڪ چيو ته بنياد پرست ٽولن مذهب جي حفاظت لاءِ قانون کي هٿيار بڻائي تعصب جا ٻج پوکيا آهن. جسٽس باقر چيو ته بدقسمتي سان اسان جي آبادي جي وڏي حصي ۾ انتهاپسندي ۽ تعصب پکڙجي چڪو آهي. هن چيو ته جهڙي ريت بنياد پسند گروهن جي اڳواڻي ۾ رياست جي فعال ڪردار انتهاپسندي کي جنم ڏنو آهي اهڙي ريت اهڙن گروهن جي خاتمي ۽ ترقي پسندن سان گڏ اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون اسان کي پرتشدد انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وڏي وزير چيو ته آءِ سي سي پي آر جهڙن بين الاقوامي ڪنوينشنز جي دستخط ڪندڙ جي حيثيت سان اسان کي مذهبي آزادي جي حدن کي پکيڙڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته اڳتي جو سفر ڏکيو ضرور لڳي ٿو پر يادگار سفر هڪ وِک کڻڻ سان ئي شروع ٿئي ٿو. وڌيڪ چيو ته اسان کي هڪ جمعيت پسند، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي – هڪ اهڙو پاڪستان جتي اسان مان ڪوبه پاڻ کي اقليت نه سمجهي، اهڙو پاڪستان جتي اسان جا مذهبي عقيدا اسان کي موقعا فراهم ڪرڻ کان نه روڪين. وڏي وزير يقين ڏياريو ته جمعيت پسند ۽ اڻبرابري کانسواءِ امن ۽ خوشحالي اسان کان پري رهندي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


