
ٺٽو علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي جي ساحلي پٽي وٽان ٺھندڙ ڪوسٽل هاء وي جي منصوبي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪيٽي بندر تائين جلد تعميراتي ڪم کي مڪمل ڪرائڻ لاء صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي پُٽ عاشق زرداري ٺٽي جي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور ۽ پراونشل هاء ويز کاتي جي عملدارن سان گڏ ڪوسٽل هاء وي جو دورو ڪري هدايتون جاري ڪيون ان سلسلي ۾ ورڪس سروسز کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي هدايتن تي سندس پٽ پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري ٺٽي جي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور سان گڏ ٻُھارا کان ڪيٽي بندر تائين ٺھندڙ ڪوسٽل هاء وي منصوبي جو دورو ڪري جائزو ورتو دوري دوران پراونشل هاء ويز کاتي جا عملدار ۽ انجنيئر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي کين پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري ڪوسٽل هاء وي جو منصوبو وڌيڪ تيز ڪري جلد مڪمل ڪرائڻ ۽ تعميراتي ڪم بهتر نموني سان ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ان موقعي تي آس اخبار جي نمائندي سان ڳالهائيندي پ 
ڪرايو ويو آھي جيڪو جلد مڪمل ڪرايو ويندو ۽ ان حوالي سان ڪابه سُستي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ٻئي مرحلي ۾ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ڪوسٽل هاء وي منصوبي کي سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي تائين پهچائي عوام کي سفري سهولتون ڏنيون وينديون پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري ۽ ٺٽي جي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور چيو ته ڪوسٽل هاء وي منصوبي سان سامونڊي تباھ ڪارين کي روڪڻ ۽ ڪيترن ئي ساحلي ڳوٺن کي سامونڊي ويرن سبب نقصان کان بچائڻ ۾ هي منصوبو مددگار ثابت ٿيندو ۽ هن منصوبي سان ساحلي پٽي جي عوام کي ڪراچي تائين جلد پهچڻ لاء آسان سفري سهولت ميسر ٿي سگهندي
Load/Hide Comments


