پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو جي لاڙڪاڻي واري گهر وٽ ڪريڪر ڌماڪو.

لاڙڪاڻو: رپورٹ محمد عاشق پٹھان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو جي لاڙڪاڻي واري گهر وٽ ڪريڪر ڌماڪو. ڪريڪر ڌماڪي سبب ڪو به جاني مالي نقصان نه ٿيو. نثار کهڙو واقعي بابت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. نثار کهڙو چيو آهي ته اهڙا ڌماڪا مون کي جمهوريت ۽ عوام لاءِ جدوجهد ڪرڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. تفصيل موجب اڱاري ڏينهن منجهند جو پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه وٽ ڪريڪر ڌماڪو ٿيو. موٽرسائيڪل تي سوار ٻه نامعلوم ماڻهن سندس نظر محلا روڊ تي واقع گهر وٽ ڪريڪر بم اڇلائي فرار ٿي ويا ۽ گهر جون ديوارون مٿي هجڻ سبب ڪريڪر بم گهر اندر نه وڃي سگهيو ۽ مين گيٽ لڳ ديوار وٽ ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪو به جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جي ترجمان شڪيل ميمڻ موجب واقعي واري وقت صوبائي صدر نثار کهڙو لاڙڪاڻي ۾ موجود نه هو. واقعي وقت هو ڪراچيءَ ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ موجود هيو. ترجمان موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت پوليس جي وڏي تعداد ۾ نفري ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ سميت اسپيشل برانچ جي اهلڪارن موقعي تي پهچي جاءِ واردات جو جائزو ورتو ۽ شاهديون گڏ ڪيون. ٻئي طرف صوبائي صدر نثار کهڙو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحيل خان کوسو سان فون تي رابطو ڪري سندس گهر وٽ ٿيل ڪريڪر ڌماڪي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ کيس هر رخ کان جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. صوبائي صدر جي ترجمان شڪيل ميمڻ ٻڌايو آهي ته پوليس کي واقعي جي سڀني رخن کان جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ پوليس کي اِها پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪريڪر بم اڇلائيندڙ ڪير هئا انهن جي سي سي ٽي وي ۽ جديد ٽيڪنيڪي روشني ۾ جوابدارن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پنهنجي رهائشگاهه تي ٿيل ڪريڪر ڌماڪي جي رد عمل ۾ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهڙا ڌماڪا کيس جمهوريت ۽ عوام لاءِ جدوجهد ڪرڻ کان نه ٿا روڪي سگهن ۽ هو جمهوريت ڪردار ادا ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو. نثار کهڙو چيو آهي ته جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس ۽ ڪنهن کا به ڊڄڻ وارو نه آهيان، اهڙا حملا ماضيءَ ۾ به ڄام صادق جي دور ۾ ٿي چڪا آهن، نه پهريان ڊنو آهيان ۽ نه هاڻي ڊڄندس ۽ اهڙا واقعا مون کي حراسان نه ٿا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اشوز، ملڪي صورتحال ۽ عوام جي مسئلن تي ڳالهيندو رهندس ڇاڪاڻ ته حملو ڪرڻ کان وارن کان بچائڻ وارو الله پاڪ سڀني کان وڏو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو نثار احمد کهڙي کي تفصيل ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڪريڪر اڇلائيندڙ جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي ۽ شروعاتي شاهدين جي نتيجي ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته نامعلوم موٽرسائيڪل تي ٻه جوابدار ٽيلڪم پائوڊر جي دٻي ۾ ڪريڪر بم ٺاهي اڇلائي فرار ٿي ويا آهن. پوليس وڌيڪ شاهديون گڏ ڪيون آهن ۽ جوابدارن تائين جلد پهچي وينداسين. ٻئي طرف پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، عاجز ڌامراهه، نعمان شيخ، علي محمد سهتو سميت سنڌ جي ٻين اڳواڻن صوبائي صدر جي گهر وٽ ٿيل ڪريڪر ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان عمل کي بزدلاڻي ڪاروائي قرار ڏنو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته اهڙي قسم جا حملا پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرشپ جي ارادن ۽ انهن جي جدوجهد کي ڪمزور ڪري نه ٿا سگهن. پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرشپ ۽ اڳواڻ ملڪي مسئلن ۽ سنڌ جي مسئلن تي جدوجهد ڪندا رهندا. هنن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں