
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
عورتن ۾ ڇاتي جي ڪيسنر جي بيماري جي عالمي ڏينهن تي سول اسپتال ٺٽو ۾ جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. لمس ٺٽو ۽ سول اسپتال ٺٽو جي سرجيڪل شعبي جي هيڊ ماهر سرجن ڊاڪٽر صغريٰ پروين عقيلي لمس ٺٽو ڪئمپس جي پرنسپل
ڊاڪٽر غلام سرور قريشي، سرجن ڊاڪٽر معشوق خواجہ، سرجن اقبال ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال ٺٽو جي سرجيڪل شعبي کان مين قومي شاهراه تائين شعوري آگاهي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. ريلي ۾ شامل ڊاڪٽرن ڊاڪٽرياڻين ۽ پيراميڍيڪل عملي جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پينافليڪس هئا جن تي ڇاتي جو ڪينسر قابل علاج آھي ان کان اڳواٽ بچڻ لاء حفاظتي قدم کنيا وڃن جھڙا نعرا لکيل هئا. ڇاتي جو ڪينسر اڄڪلھ عورتن ۾ عام بيماري بڻجي وئي آھي جيڪا خطرناڪ صورتحال آھي ان لاء اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آھي انھي موقعي تي سينيئر سرجن ڊاڪٽر صغره پروين عقيلي ۽ ٻين چيو تہ پاڪستان ۾ هر 8 هين عورت ڇاتي جي ڪينسر جهڙي وبا ۾ مبتلا آھي جنهن کان بچڻ لاء حفاظتي قدم کڻڻ ۽ ڊاڪٽرن سان مشاورت ضروري آھي. ڊاڪٽرن چيو ته حفاظتي اڳواٽ قدم کڻڻ ۽ شروعاتي مرحلن ۾ مريض جي پهچڻ سان انساني زندگي بچائي سگهجي ٿي هر ڇاتي جي ڳوڙي ڪينسر ناهي هوندي عوام سول اسپتال ٺٽو ۾ قائم سرجيڪل شعبي جي ماهر ڊاڪٽرن کان پنهنجي عورتن جي معائني ۽ مشوري کي يقيني بڻائي سگھن ٿا.
Load/Hide Comments


