گرلس ڪاليج ٺٽو جي شاگردياڻي نجمه ڪاليج مان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ، ڇوڪري جا وارث ڪاليج انتظاميه تي ڪاوڙيل، اسانجي نياڻي اغوا ڪئي وئي آهي جانچ ۾ ڪاليج جي عملي کي به شامل ڪيو وڃي

ٺٽو (نمائنده) گرلس ڪاليج ٺٽو جي شاگردياڻي نجمه ڪاليج مان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ، ڇوڪري جا وارث ڪاليج انتظاميه تي ڪاوڙيل، اسانجي نياڻي اغوا ڪئي وئي آهي جانچ ۾ ڪاليج جي عملي کي به شامل ڪيو وڃي: مطالبو، پوليس ۾ اين سي درج ، پوليس تحرڪ نه ورتو، وارث نيشنل پريس ڪلب پھچي ويا
خبر موجب گرلس ڪاليج ٺٽو جي شاگردياڻي نجمه جي والد يوسف ملاح ۽ چاچي رستم ملاح نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندن نياڻي گرلس ڪاليج ٺٽو جي شاگردياڻي گذريل ڏينهن ڪاليج اٽينڊ ڪرڻ لا۽ وئي جيڪا ڪيتري دير تائين گهر نه پهتي جنهن بعد اسان گرلس ڪاليج ٺٽو پهتاسين ته ڪاليج ٽائيم ختم ٿي ويو هو، جڏهن ته اسڪول جي پرنسپل رضيه سان فون تي شاگردياڻي بابت پڇا ڪئي، جنهن تي پرنسپل ٻڌايو ته شاگرياڻي پڙهائي ٽائيم کان پو۽ پنهنجي گهر لا۽ نڪتي، جنهن بعد کين وڌيڪ ڪا ڄاڻ نه آهي، ٻئي طرف شاگردياڻي نجمه جي والد يوسف ملاح نشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين کي ٻڌايو ته کيس خدشو آهي ته سندس نياڻي کي ڪاليج مان اغوا ڪئي وئي آهي جنھن ۾ ڪاليج جو عملو به ملوث ٿي سگھي ٿو، ھن چيو ته مونکي شڪ آھي تہ گهوڙاٻاري جي رهائشي لاشاري برادري جي ڪجھ شڪي ماڻهن حمزو ولد يعقوب لاشاري ۽ سندس ساٿين اشفاق درس مڪلي نرسري وارو الهبخش ولد صديق لاشاري سومار ولد يعقوب لاشاري گل محمد ولد جعمون لاشاري نظير ولد ٺاريو لاشاري يعقوب ولد عيسۍ لاشاري ۽ ٻين نامعلوم ماڻهن پري پلانيگ تحت اغوا ڪري ويا آهن ساڳي ماڻهن اڳ به ڪجھ ٽائيم اڳ کيس نياڻي کي اسڪول ويندي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون، ناڻي جي والد يوسف ملاح چيو آهي ته آئون هڪ غريب پورهيت آهيان، منهنجي نوجوان نياڻي ڪاليج پڙهائي لاء وئي جنهن جي گهر نه اچڻ تي گهر ۾ ڪهرام متل آهي هن آئي جي سنڌ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاه، ڊي سي ٺٽو ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته سندس نياڻي بازياب ڪرائي ڏني وڃي.


ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٻين شھرن جيان ٺٽي ۾ به محسن ڪائنات پيغمبر اسلام خاتمه النبيين حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت جي موقعي تي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ڀرپور مذھبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي ٺٽي ۽ مڪلي شھرن سميت ضلعي اندر ريليون ڪڍي مرحبا يا مصطفيٰ ﷺ جا نعرا هنيا ويا جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي مرڪزي ريلي مڪلي کان جماعت اهلسنت جي عالم شيخ الحديث مفتي عبدالرحمان ٺٽوي ۽ مولوي محمد يامين جماري جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد مڪلي کان ٺٽي ڏانهن رواني ٿي وئي جنھن ۾ جنگشاهي کان مولوي فضل اللّٰه جي اڳواڻي ۾ پهتل ريلي پڻ شامل ٿي وئي جماعت قادري جيلاني جي روحاني پيشوا پير غلام رضواني ۽ پير غلام رحماني جيلاني جي اڳواڻي ۾ جيلاني هائوس مڪلي کان ڌار وڏي ريلي نڪتي جيڪا مڪلي جو گشت ڪندي ٺٽي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي وئي ٺٽٽي جي بادشاهي شاهجهان جامع مسجد ٺٽو کان جامع مسجد جي خطيب قاري عبدالباسط صديقي ۽ مولوي محمد شاڪر صديقي جي اڳواڻي ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن جو گشت ڪندي مين اسٽاپ تي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي وئي لاسي محلي مان ولي محمد قمبراڻي ۽ ايوب لاسي جي اڳواڻي ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن جو گشت ڪندي مرڪزي ريلي م شامل ٿي وئي ڇتوچنڊ کان مولوي ولي محمد بروهي جي قيادت ۾ ۽ فقير جو ڳوٺ کان محرم جاکرو سڪندر جاکرو جي اڳواڻي ۾ پڻ نڪتل ريليون ٺٽي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي ويون ٺٽي جي خضر حيات مسجد ۽ سونارا گلي توڙي شاهي بازار ۽ بروهي ڳوٺ کان نڪتل جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جون ريليون پڻ ٺٽي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي ويون جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي هڪ ڌار ريلي جماعت خادم الفقراءُ جي سرپرست صوفي ذوالفقار علي قادري جي قيادت ۾ پڻ مڪلي کان ٺٽي تائين ريلي ڪڍي وئي سموريون ريليون ٺٽي جي مين اسٽاپ تي پهچي مرڪزي جلسي ۾ عام تبديل ٿي ويون جتي جماعت اهلسنت جي عالمن خطاب ڪندي چيو ته اڄ پوري دنيا پنهنجي محسن سرور ڪائنات ٻنهي جهانن جي سردار انسانيت جي علمبردار آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعات جو ڏھاڙو انتهائي خوشي ۽ احترام سان ملهائي رهي آھي اسان ٺٽي جا مسلمان به هن ڏينهن کي سڀني ڏينهن کان افضل سمجهون ٿا ڇاڪاڻ جو اللّٰه پاڪ اسان جي پياري نبي جي صدقي اسان مسلمانن سميت پوري ڪائنات کي وجود ۾ آڻي هزارين زميني مخلوق تي وڏو ٿورو ڪيو سڄو ڏينهن شام تائين ٺٽي ۽ مڪلي سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ميرپور ساڪرو ڳاڙھو گهارو ڌاٻيجي ڪيٽي بندر گهوڙاٻاري ور غلام اللّٰه ڇتوچنڊ فقير جو ڳوٺ بگهاڙ موري جهرڪ چليا ۽ ٻين شھرن ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جون ريليون ڪڍي مرحبا يا مصطفيٰ ﷺ آقا جي آمد مرحبا حضور جي آمد مرحبا جي نعرن سان شھر ڳوٺ ۽ واهڻ وسنديون گونجنديون رهيون

 

اپنا تبصرہ بھیجیں