صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو آھي تہ تازو شروع ٿيل برساتن سنڌ سميت ٺٽو ۽ سجاول ۾ بہ ڪافي نقصان ڪيو آھي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو آھي تہ تازو شروع ٿيل برساتن سنڌ سميت ٺٽو ۽ سجاول ۾ بہ ڪافي نقصان ڪيو آھي، پر سنڌ حڪومت برسات متاثرين جي ھرممڪن مدد ڪري کين رليف مھيا ڪندي، جنھن لاء ڪوششون جاري آھن، اسان بہ عوام سان ھن ڏکئي وقت ۾ گڏ آھيون کين ڪڏھن بہ اڪيلو نہ ڇڏينداسين. ھن اھي ڳالھيون ھاليجي ڍنڍ لڳ ڳوٺ مڱيلڌو جوکيو ‌۾ جوکيا برادري جي

معزز حاجي مير حسن جوکيو پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيون، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي وڌيڪ چيو تہ ضلعي ٺٽي سان اسانجي وڏڙن جي نينھن جو ناتو آھي، جنھن ناتي کي اسان بہ نڀائيندا پيا اچون، آء ھتان جي ھر ڳوٺ جي مسئلي کان واقف آھيان، عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، بجلي جھڙيون سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وينديون، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي ان موقعي تي درگاھ امير شاھ جيلاني، ڳوٺ مڱيلڌو جوکيو ۽ ڳوٺ عالم سالار جوکيو ۾ پيئن جي پاڻي جي لائن ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪندي چيو تہ ھتان جي ڳوٺن کي پڪو ڪرائي اتان جي رھواسين کي 16/16 ايڪڙ زمين پڻ ڏياري ويندي، جيئن ھو گذر سفر ڪري سگھن. آجياڻي کي خطاب ڪندي حاجي مير حسن جوکيو چيو تہ تازو شروع ٿيل برساتن ھتي بہ وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي، ھتان جي ڪيترن ئي غريب پورھيتن جا ڪچا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آھن، جيڪي ھن وقت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻجي ڪنھن مسيحا جا منتظر آھن، ان کانسواء ھتان جي ڳوٺن ۾ ڪي بہ بنيادي سھوليتون ميسر ناھن، جيڪي مھيا ڪيون وڃن. حاجي ميرحسن جوکيو چيو تہ ھاليجي ڍنڍ ڀرسان غير مقامي اي وائي ڪمپني طرفان مقامي ماڻهن جي زمينن تي زبردستي قبضا ڪري انھن کي وڏا بند ٻڌي برساتي وھڪرن جا منھن پڻ بند ڪري ڳوٺ شيرو ملاح سميت ٻين ڳوٺن جي رھواسين کي بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ھن چيو تہ برساتي پاڻي جا لنگھ ۽ رستا بند ٿيڻ ڪري سندن ڳوٺ ٻڏڻ جو پڻ خطرو برقرار آھي، ان کانسواء درگاھ امير شاھ جيلاني جي پٺيان سالن کان وھندڙ برساتي نالي کي بہ طاقت جي زور تي مذڪورہ ڪمپني جي انتظاميہ ڳرين مشينن ذريعي بند ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري تازي پيل برساتن جي پاڻي درگاھ کي مڪمل گھيري ۾ اڻي برساتي پاڻي درگاھ جي احاطي ۾ بہ شامل ٿي ويو ھو، جنھن پاڻي کي وڏين ڪوششن بعد درگاھ جي خدمتگارن غلام قادر جوکيو ۽ سندس فرزند حافظ صدام حسين جوکيو پاران ڪڍيو ويو اھي، ھن گھر ڪئي تہ مذڪورہ سمورن ڪوھستاني ڳوٺن کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري ڳوٺ پڪا ڪرڻ سميت ڳوٺن جي زمينن تي ٿيندڙ مبينا قبضا خالي ڪرائي درگاھ امير شاھ جيلاني سميت سندن ڳوٺن وٽان بند ٿيل برساتي پاڻي جي رستن کي کولي سندن ڳوٺن ۽ درگاھ امير شاھ کي امڪاني پھچندڙ نقصان کان بچايو وڃي، حاجي مير حسن جوکيو پاران صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، حاجي محمد حنيف ميمڻ، سيد مدد علي شاھ ڪاظمي ۽ ٻين آيل مھمانن جو ٿورو مڃيندي کين لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ مقامي ڳوٺاڻن کي سندن جائز سمورا مسئلا حل ڪري ڏيڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. آجياڻي تقريب ۾ حاجي محمد حنيف ميمڻ، سيد مدد علي شاھ ڪاظمي، عبدالرحيم جوکيو، عالم سالار جوکيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں