تعلقي ٺٽي جي ٽن يونين ڪائونسل جي هيڊ ڪواٽر ڇتوچنڊ واري شھر ۾ ڊرينج سسٽم ناڪارہ بڻجي ويو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) تعلقي ٺٽي جي ٽن يونين ڪائونسل جي هيڊ ڪواٽر ڇتوچنڊ واري شھر ۾ ڊرينج سسٽم ناڪارہ بڻجي ويو، شھر جون گليون گٽرن جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويون، يونين ڪائونسل چليا جي حد ۾ ايندڙ هيلٿ سينٽر، پرائمري بوائز اسڪول، بوائز هاءَ اسڪول، گرلس اسڪول توڙي اسپتال ڏانهن ويندڙ گهٽيون بہ گٽر جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل، جنھن ڪري شھري اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳا، انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، متاثر شھرين دانھيندي چيو آھي تہ ڇتوچنڊ شھر ۾ ڇتوچنڊ يوسي توڙي يوسي چليا جون آفيسون قائم ٿيل آھن، جن جون شھر اندر حدون بہ ورھايل آھن، پر ڪير بہ شھرين جي مسئلن توڙي کين پيش ايندڙ تڪليفن ڏانھن ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھن، ھنن چيو تہ ڇتوچنڊ شھر ۾ يوسي چليا جي حد ۾ ايندڙ گٽر نالن جي صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ ڪري شھر جو اڌ حصو، اسپتال ۽ اسڪولن ڏانھن ايندڙ ويندڙ رستا گٽرن جي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن، گندگي وڌڻ ڪري مڇرن جي آزار ۾ اضافو ٿيڻ سميت وچرندڙ بيمارين جي ڦھلجڻ جو بہ انديشو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ ڇتوچنڊ شھر جي گٽر نالن جي مڪمل صفائي سٿرائي ڪرائي ڊرينج سسٽم کي بُحال ڪرائي شھرين کي گندگي مان نجات ڏياري پريشاني کان بچايو وڃي.
==========================

اپنا تبصرہ بھیجیں