ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري، وڄ ڪرڻ ۽ ٻين واقعن ۾ فوتين جو انگ 23 ٿي ويو


ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري، وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ فوتين جو انگ 21 ٿي ويو
سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وسڪارن دوران وڄ ڪِرڻ ۽ ٻين واقعن ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 23 ٿي ويو

دره آدم خيل جي علائقي پراڻي بازي خيل ۾ ٻوڏ جو وهڪرو گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 11 ڀاتي ٻڏي فوت ٿي ويا، هڪ ٻارڙِيءَ جي ڳولا جاري آهي

ريسڪيو ذريعن موجب متاثر ڪٽنب ڪمري ۾ ستل هو ته ٻوڏ جو وهڪرو گهر جي بيسمينٽ ۾ داخل ٿي ويو، ننڊ ۾ هجڻ سبب گهر ڀاتين کي پاڻ بچائڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهيو، فوتين ۾ 6 ٻارڙا، 3 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن

ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري وارن علائقن ۾ وڄ ڪرڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا، راولپنڊي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو

ننگر پارڪر لڳ ڳوٺ اڪراڙو ۾ وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل هڪ ئي ڪٽنب جي 6 ڀاتين جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، ڀاءُ ڀيڻ سميت هڪ ئي ڪٽنب جي 6 ڀاتين جا مڙهه کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال

ننگرپارڪر جي ڳوٺ ٻنٽاري ۾ وڄ ڪرڻ سبب فوت ٿيل شفيع محمد مڱڻهار جو مڙهه جنازي نماز بعد چيلهار جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو

موسميات کاتي ڪشمير، مالاڪنڊ، هزاره ۽ گوجرانوالا ڊويزن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، اين ڊي ايم اي پاران مختلف ضلعن ۾ 200 ملي ميٽر برسات جا امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر اوڀر ۽ ڏکڻ پنجاب کانسواءِ پشاور ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي، ڪراچي سميت سنڌ جا هيٺيان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي سگهن ٿا

TAGStop_stories

کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں