آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي بعد پاڪستان جي معاشي صورتحال تي اعتماد


آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي بعد پاڪستان جي معاشي صورتحال تي اعتماد
آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي بعد پاڪستان جي معاشي صورتحال تي اعتماد، عالمي ريٽنگ ايجنسي فـِچ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري پرڏيهي ڪرنسي جي ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي مان وڌائي ٽرپل سي پلس ڪئي وئي، پرڏيهي فنڊنگ جي وڌندڙ ضرورتن لاءِ سڌارا لازمي قرار، فِچ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو معاهدي جي منظوري کان اڳ پاڪستان چين، سعودي عرب ۽ يـُو اَي اِي کان قرض رول اوور ڪرائڻا پوندا

ٽئڪس سڌارن وسيلي ٽئڪس ٽو جي ڊي پي شرح اڃا 3 سيڪڙو وڌائڻي پوندي، پاڪستان زرعي آمدني تي ٽئڪس لڳائڻ، توانائي شعبي ۽ رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن لاءِ قانونسازي جي خاطري ڪرائي آهي

آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد پاڪستان جي پرڏيهي فنڊنگ تائين پهچ بهتر ٿي، فِچ پاران معاشي بهتري لاءِ بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت جي قدمن جي ساراهه

TAGStaza_tareenextra_newsTred

اپنا تبصرہ بھیجیں