پاڪستان ۾ سلهه جي خاتمي لاءِ اهم وِک، آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار گڏيل طور پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي (مئي23، 2024) – پاڪستان ۾ مقررآمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ سنڌ جي صحت ۽ آدمشماري واري وزير ڊاڪٽرعذرا فضل پيچوهو سنڌ ۾ سلهه جي بيماريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار جي ڀائيواري سان اهم پروگرام جو افتتاح ڪيو ويو. ھي بيماري پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ انتھائي ڳنڀيرمعاملو ليکيو وڃي ٿو. آمريڪي سفيرڊونلڊ بلوم ٽي بي کي چئلينج ۽ هن پروگرام کي سنڌ لاءِ اهم وِک قرار ڏنو. هي پروگرام آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو.

عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي مالي سهائتا سان سلهه کي منهن ڏيڻ لاءِ نئون پنج سالن جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ٽيوبرڪيولوسز لوڪل آرگنائيزيشن نيٽ ورڪ (TB-LON) جي نالي سان شروع ڪيل پروگرام لاءِ 90 لک ڊالرز مهيا ڪيا ويا آهن. هن گڏيل منصوبي جو مُکيه مقصد پاڪستان ۾ سلهه جي بيماريءَ کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ لاءِ ماهراڻي رهنمائي ۽ وسيلا مهيا ڪرڻ آهي.

اُن موقعي تي سفير ڊونلڊ بلوم آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ مضبوط ڀائيواري تي زور ڀريندي چيو ته “سلهه نه رڳو پاڪستان ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي، پر هي اهڙي بيماري آهي، جنهن انيڪ زندگيون، آباديون ۽ جياپي جا وسيلا برباد ڪيا آھن. دُنيا ۾ سلهه سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان پنجين نمبر تي آهي. پر اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته 90 لک ڊالرز جي ماليت واري پروگرام جو بُنياد رکندي ان ۾ اهم تبديلي آڻي رهيا آهيون. هي پروگرام نه رڳو سلهه جي خاتمي لاءِ ماهراڻي رهنمائي ۽ وسيلا مهيا ڪندو، پر سنڌ جي عوام سان اسان جي مستقل ڳانڍاپي جو واضح مثال پڻ آهي.”

سنڌ جي صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو آمريڪي سرڪار جي سهڪار جا ٿورا مڃيندي صوبي ۾ صحت جي خدمتن کي وڌائڻ واري حڪومتي عزم جو اظهار ڪيو. هُن صحت جا سنگين مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته “اسان پُراميد آهيون ته صحت جي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻ واريون گڏيل ڪوششون سنڌ جي عوام جي زندگين ۾ هاڪاري تبديلي آڻينديون.”

سلهه يا ٽي بي قابل علاج هجڻ باوجود دُنيا ۾ سڀ کان وڏي قاتل وبا بڻيل آهي. ساليانو هڪ ڪروڙ 6 لک ماڻهو هن مرض ۾ وڪوڙجي ويندا آهن، جڏهن ته 13 لک ماڻهو هن بيماري وگهي حياتي وڃائي ويهن ٿا، ۽ پاڪستان هن بيماري جو بار کڻندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پنجين نمبر تي آهي. يو ايس ايڊ عالمي سطح تي سلهه کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي سرڪار جي ڪوششن ۾ قيادت جو ڪردار ادا ڪري ٿي، جيڪا پاڪستان سوڌو سموري دنيا ۾ پنهنجي ڀائيوارن سان گڏ سرگرم آهي، ته جيئن سلھ ۾ مبتلا هر ماڻهو تائين پهچ حاصل ڪري اُن جو علاج ڪيو وڃي، جڏهن ته بيماري کي پکڙجڻ کان روڪڻ به اِن مقصد ۾ شامل آهي. يو ايس ايڊ مقامي آبادين جي ڪردار جي اهميت کي قبول ڪري ٿي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو پائيدار ۽ اثرائتا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي آبادي جي شرڪت کي ترجيح ڏيندي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں