سولرز تي ٽيڪس جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ڳڻتي تي وفاق ٽيڪس نه لڳائڻ جو يقين ڏياريو آهي: توانائي کاتي جو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي: (22 مئي 2024)
صوبائي وزير توانائي، رٿابندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سولرز تي ٽيڪس جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ڳڻتي ۽ تحفظات تي وفاق پاران سولرز تي ٽيڪس نه لڳائڻ جي يقين ڏياريندي چيو ته اهڙي ڪائي تجويز غور هيٺ ناهي، سيد ناصر حسين شاهه مهانگائي جي هن دور ۾ ۽ خاص طور تي بجلي جي بلن کان تنگ ماڻهن تي سولرز جي استعمال تي ٽيڪس لڳائڻ عوام سان گڏ سراسر زيادتي هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ توانائي کاتي جي حوالي سان وقفي سوالن جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو. صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه جو غير اعلانيه لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندا، هن چيو ته بجلي تقسيم ڪار ڪمپنين سان غير اعلانيه ۽ وڌيڪ بلنگ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته اسمارٽ ميٽر جي ادائيگي جي باوجود ميٽر فراهم نه ڪيا پيا وڃن، عوام سان گڏ آهيون جيڪي ڏکيائون آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ قدمن ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته امتحانن جي دوران لوڊشيڊنگ جي حوالي سان بجلي تقسيم ڪار ادارن جي ملامت ڪئي وئي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪجهه گهرن جي عدم ادائيگي جي سبب سمورا فيڊرز بند ڪيا ويندا آهن هي ٻين صارفين سان گڏ زيادتي آهي، صرف بجلي جي بل ادا نه ڪرڻ وارن جي بجلي ڪاٽي وڃي ٻين کي سزا نه ڏني وڃي.، بجلي به ناهي ايندي پر بل پورا اچي ويندا آهن، حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي پڻ چيو آهي ته بلن جي ادائيگي ۽ چوري جي حوالي سان حڪومت بجلي تقسيم ڪارن ادارن جي هر ممڪن مدد ڪندي. حڪومت کي پنهنجي ذميواري جو احساس آهي. هن چيو ته 22 کان 27 مئي هيٽ وويو جي اطلاعات آهن ۽ ان حوالي سان حڪومت خاص قدم کنيا آهن جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو کي انهن ڏينهن ۾ بجلي جي مسلسل فراهمي جي هدايت ڪئي آهي. توانائي واري وزير چيو ته ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سنڌ صوبي سيپرا (سنڌ اليڪٽرڪ پاور) بڻايو آهي ان جي جوڙڻ سان تقسيم ڪار بجلي جا ادارا ڪافي حد تائين اسان جي ماتحت ڪم ڪندا. هن چيو ته پنج اصلاح ۾ ٻه لک گهرن کي سولر سسٽم ڏنا ويندا جنهن ۾ صارفين کي به شريڪ ڪيو ويندو.

هن چيو ته سولرائزيشن ذريعي صارفين کي 300 يونٽن تائين مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول صاحب جي منشور موجب 100 يونٽن تائين صارفين کي اها سهولت ڏني پئي وڃي ۽ ان سهولت جو دائرو ڏهن ضلعن کان وڌائي سڄي صوبي تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ڪراچي جون ڪيتريون ئي عمارتون مڪمل سولر سسٽم تي ٺاهيون ويون آهن. سموريون سرڪاري عمارتون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون آهستي آهستي مڪمل طور تي سولر ٿي وينديون. ڪراچي کان علاوه حيدرآباد ۾ به ڪيترين ئي عمارتن کي سولر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪوهسار ۽ لمز اسپتالن کي مڪمل سولرائز ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ٻين سرڪاري عمارتن کي سولر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا 50 ميگاواٽ تائين جا پنهنجا پاور پلانٽ لڳائي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت نيشنل گرڊ کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ سستي بجلي فراهم ڪري رهي آهي. سولر پارڪ مانجهند ۽ ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ٻيون جايون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيون وينديون. هن چيو ته سنڌ حڪومت نوري آباد پاور پلانٽس ذريعي نيشنل گرڊ کي 100 ميگا واٽ سستي بجلي فراهم ڪري رهي آهي. ٿرڪول بيبي شهيد جو خيال هو. ٿر بدليندو پاڪستان سيد قائم علي شاهه جو ڪريڊٽ آهي. پرڏيهي سيڙپڪار ٿر ۾ سيڙپڪاري لاءِ قطار ۾ بيٺا آهن ۽ سيڙپڪارن جي دلچسپي وڌي رهي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ون. ٽو ۾ ڪم جاري آهي. ٿر ڪول مان نيشنل گرڊ کي سستي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوئلي مان گئسيفڪيشن ڏانهن وڌي رهيا آهيون جنهن جو مطلب آهي ته ڪوئلي مان بجلي کان علاوه تيل ۽ گئس ٺاهڻ وڃون پيا. هن چيو ته سولرائيزيشن جي حوالي سان ايڪويٽي پاليسي جي تحت ٻه لک صارفين جي مقابلي ۾ صرف 322 صارفين فائدو حاصل ڪيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٿرڪول جي 12 بلاڪن مان هن وقت ٻه بلاڪ ڪم ڪري رهيا آهن. ٿر ۾ رهندڙ ماڻهن جي تعليم، صحت ۽ روزگار لاءِ حڪومت پاران خاص قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته 400 ڪلو ميٽر روڊن کي بهتر ڪيو ويو آهي، ٿر ۾ ريلوي ٽريڪ جي حوالي سان سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان ايڪويٽي جي بنياد چاهي ٿي.

ھينڊ آئوٽ نمبر……332 **ايم ايس ايس

اپنا تبصرہ بھیجیں