ابراهيم رئيسي جون امت مسلمه لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، سيد ناصر حسين شاھ

تاريخ 20 مئي 2024
ڪراچي (): توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير امير عبداللهيان ۽ ٻين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته امت مسلمه لاءِ ابراهيم رئيسي جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. صدر رئيسي جي وفات هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ناقابل تلافي آهي ۽ پاڪستاني عوام ڏک جي هن گهڙي ۾ ايران جي عوام سان برابر جا شريڪ آهن.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر انفارميشن / ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
صوبائي وزير توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں