ڳاڙهي ٿاڻي جي حد جوھو لڳ غلام رسول گبول جي زمين تي ھارپو ڪندڙ پورهيت پيرو شاھ قتل جوابدار اڪن ملاح گرفتار،

ٺٽو(ڊر) ڳاڙهي ٿاڻي جي حد جوھو لڳ غلام رسول گبول جي زمين تي ھارپو ڪندڙ پورهيت پيرو شاھ قتل جوابدار اڪن ملاح گرفتار، تفصيل موجب ڳاڙھي ٿاڻي جي حد جوھو لڳ زميندار غلام رسول گبول جي زمين تي ھارپو ڪندڙ پيرو شاھ کي جوابدار اڪن ملاح ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو، جنھن کي بعد ۾ ايس ايڇ او ڳاڙھو پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري گرفتار ڪري ورتو اھي، اطلاع ملڻ تي ڳاڙھو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو اھي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳاڙهو سائين ڏنو ٻرڙو بڌايو ته کين پيرو شاھ جي قتل جو جيئن ئي اطلاع مليو تہ ھو واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪري جوابدار اڪن ملاح کي بہ گرفتار ڪري ورتو اھي، ھن چيو تہ جيئن مقتول جا وارث ايندا تہ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ھن چيو تہ قتل جو سبب معلوم ٿئي ناھي سگهيو، جنھن جي جاچ جاري ڪئي ويئي اھي، جلد قتل جو ڪارڻ بہ معلوم ٿي ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں