سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو، سمف اڳواڻ عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، سمف ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح ۽ ٻين پاران ور شھر جي ڳوٺ صحبت خان خشڪ پھچي ڪجھ ڏينھن اڳ ڦورن ھٿان مزاحمت ڪرڻ تي مارجي ويل محمد موسيٰ ملاح جي تڏي تي پھچي مرحوم جي وارثن يار محمد ملاح، بصر ملاح، سجاد ملاح ۽ ٻين سان تعزيت ڪري مرحوم جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھري ڏک ونڊيو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو، سمف اڳواڻ عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، سمف ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح ۽ ٻين پاران ور شھر جي ڳوٺ صحبت خان خشڪ پھچي ڪجھ ڏينھن اڳ ڦورن ھٿان مزاحمت ڪرڻ تي مارجي ويل محمد موسيٰ ملاح جي تڏي تي پھچي مرحوم جي وارثن يار محمد ملاح، بصر ملاح، سجاد ملاح ۽ ٻين سان تعزيت ڪري مرحوم جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھري ڏک ونڊيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي ۽ سمف جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو چيو تہ ور واقعو انتھائي ڏکوئيندڙ آھي، جنھن واقعي جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي،

ھنن چيو تہ ان واقعي ۾ محمد موسي ملاح جي قتل ٿيڻ سميت 3 پورھيت زخمي ٿي پيا آھن، زخمي اڃان تائين علاج ھيٺ آھن، ھنن چيو تہ پوليس تڪڙا قدم کڻي 2 مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو اھي، پر اڃان بہ ھڪ جوابدار رھيل آھي، پوليس کي گھرجي تہ ان کي بہ جلد گرفتار ڪري مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ھنن چيو اسان ڏکويل خاندان سان گڏ آھيون ۽ کين ڪڏھن بہ اڪيلو نہ ڇڏينداسين. ھنن چيو تہ قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي سک جو ساھ پٽينداسين. ان موقعي تي رئيس حسن علي زنگياڻي، وڏيرو احمد گھمڻ، نور محمد ملاح، احمد پٽاري ملاح، الھڏنو ملاح، عبدالستار ملاح، حاجي ھاشم گندرو، حاجي غلام چانڊيو، ڀورل مسڪين ملاح، وڏيرو فضلو ملاح ۽ ٻيا بہ موجود ھئا.

===========================

اپنا تبصرہ بھیجیں