
جي ڊي اي سربراهه ۽ حُرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري پير سيد صبغت الله شاهه راشدي چيو آهي ته چونڊ نتيجا اڍائي 3 مهينا اڳ طئه ٿي چڪا هئا، پيمينٽ به ٿي وئي هئي، اسان کي خبر پئجي وئي هئي ته ڪٿي ڪٿي پيمينٽ ٿي آهي
ڄامشورو ۾ ڌرڻي کي خطاب دوران پير پاڳاري چيو آهي ته مٿي جيڪا کچڙي ٺاهي وئي آهي، اها حڪومت 8-10 مهينن کان وڌيڪ نه هلي سگهندي، ٿي سگهي ٿو فوج سڀني کي آزمائي ورتو هجي ۽ هاڻي آزمائڻ لاءِ بچيو ڇا آهي؟
هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ايمرجنسي يا مارشل لا لڳايو وڃي، پوءِ اهي ئي جج هُنن کي قانوني تحفظ ڏيندا، حالتون سٺيون نه آهن، فيصلا ڪندڙن کي سوچڻو پوندو ته هاڻي هُنن سان گڏ ڪوبه قومي سطح جو ليڊر ناهي رهيو، فوج اسان جي آهي ۽ وفاق سنڀالي ويٺي آهي
هن چيو ته فوج کان پري ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهجي، هاڻي اسان کي سوچڻو پوندو ته ٻين پارٽين جي مشوري سان تحريڪ کي اڳتي هلايون، پي ٽي آءِ باني لاءِ پير پاڳاري چيو ته سندس نظر ۾ هو چور نه آهي، کائنس بي وقوفي يا غلطي ٿي هوندي، پي ٽي آءِ باني چور آهي ته پوءِ اسان سڀ چور آهيون؟
هن کي به پڙهندا


