نواز شريف جو سڀ کان وڏي پارٽي هجڻ ۽ مرڪز ۾ اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

لاهور: ن ليگ جي قائد نواز شريف چيو آهي ته پنجاب ۽ وفاق ۾ اسان کي حڪومت ملي وئي

نواز شريف عام چونڊن ۾ ڳري اڪثريت سان کٽيندڙ پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اُميدوارن ۽ پيپلزپارٽي سوڌو سمورين پارٽين کي گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

نواز شريف شهباز شريف کي اڄ ئي آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي ۽ ٻين پارٽين سان ملاقات جي هدايت ڪئي آهي

لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته چونڊن ۾ نواز ليگ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اُڀرِي آهي، اسان آزاد اُميدوارن سوڌو ٻين سمورين پارٽين جي مئنڊيٽ جو احترام ڪريون ٿا

هن چيو ته آزاد اُميدوارن کي دعوت ڏيان ٿو ته گڏجي ويهي ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍون، پارليامينٽ، عدليه، فوج ۽ ميڊيا سوڌو سمورا ادارا هاڪاري ڪردار ادا ڪن، اها ذميواري رڳو اسان جي نه، سڀني جي آهي، جيڪي ماڻهو جهيڙي جي مُوڊ ۾ آهن، اسان اُنهن سان به وڙهڻ نٿا گهرون

نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال گهرجن، سٺو ٿئي ها ته اسان کي پورو مئنڊيٽ ملي ها، تڏهن به اسان ٻين اتحادين کي به حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيون ها

نواز شريف چيو ته شهباز شريف کي هدايت ڪريان ٿو ته اڄ ئي آصف زرداري، فضل الرحمان ۽ خالد مقبول سوڌو ٻين سان ملاقات ڪري، پوءِ سڀ گڏجي ٻڌايون ته حالتن جي ضرورت آهي ته سڀ گڌجي ته ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍون

TAGSbreaking_news

اپنا تبصرہ بھیجیں